زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلافن جي ڪهاڻي

تحرير: سڪندر چنو

جنهن نموني سان سنڌ سميت ملڪ کي لٽيو ويو ان جو مثال ڪنهن به ملڪ ۽ تاريخ ۾ نٿو ملي. ايراني تيل جي اچڻ سان پاڪستان کي ماهوار 225 ارب جو نقصان ٿي رهيو هيو. جنهن تي سڀ حڪومتون خاموش تماشائي بڻيل هيون. ۽ ان ۾ وڏيون وڏيون مافيائون ملوث نڪتيون آهن. 995 پيٽرول پمپ پوري ملڪ ۾ پڪڙيا ويا آهن جنهن تي ايراني تيل وڪرو ٿيندو رهيو آهي. انهن پمپ مالڪن جون لسٽون تيار ٿي چڪيون آهن جن کي اچانڪ ايجنسيون پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪنديون. ۽ ملڪي خزاني کي نقصان ٿيندڙ اربين روپين جو انهن کان اوڳاڙيا ويندا.

پي آءِ اي ۾ 600 ارب روپين جي ڪرپشن پڪڙي ويئي آهي. مطلب ته ملڪ ۾ هر انچ انچ ۾ اربن جي ڪرپشن لڪيل آهي. توهان ڏسندا رهو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سياستدان لٽ مار لاءِ پاڪستان اهڙي نموني اچن ٿا جهڙي نموني سرد موسم ۾ سابياري جو پکي سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي وري گرم موسم ۾ واپس روانو ٿي ويندو آهي. ملڪ جي ڪنهن به ادارن مان چوري آفيسر جي رضامندي کان سواءِ نه ٿيندي آهي. ۽ نه وري اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ ٿيندي آهي. اليڪشن به جنوري جي آخري هفتي بدران فيبروري ۾ ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن به جنوري جو آخري هفتو ٻڌايو آهي تاريخ طئه نه ڪئي ويئي آهي. آصف زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ تعلقاتن جي خرابي سنڌ ۾ نگران وزيراعليٰ جي مقرري سبب سامهون آئي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري موجوده صوبائي نگران وزير بلديات مبين جماڻي کي وزيراعليٰ بڻائڻ لاءِ بضد هيا. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي نگران وزيراعليٰ سنڌ بنائڻ تي بضد هئي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ آسانيءَ سان آصف زرداري کي ملهه ماري وڌي ۽ ائين اسٽيبلشمينٽ پنهنجو ماڻهو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.

ن ليگ يا پي پي ايندڙ اليڪشن ۾ تڪليف سان ڪجهه سيٽون کٽندي. پر جيڪڏهن پي پي ۽ ن ليگ کٽي به وڃي پوءِ به هڪ سوال باقي بچي ٿو ته ڇا اها حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري سگهندي؟ بلڪل نه. 2024 ۾ ايندڙ حڪومت ۽ ان کي کٽرائيندڙن وچ ۾ جنگ ضرور شروع ٿيندي. بلڪل ائين ٿيندي جيئَن 2018 واري اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف کي کٽرائيندڙ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ جنگ شروع ٿي هئي. ان ڪري صاف شفاف اليڪشن ٿيڻ گهرجي. 2024 ۾ ايندڙ حڪومت جي سياسي لڙائي هوندي. ڊي جي آءِ ايس آءِ وغيره تي لڙائي نه ٿيندي. سنڌ ۾ پي پي خلاف اتحاد جڙي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ لڙائي ان ڳالهه تي هئي ته نگران حڪومت کان اڳ بلوچستان ۽ سنڌ پي پي کي ڏينداسين پر ائين ٿيو ڪونه ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي واعدي تان ڦري ويئي. ن ليگ پي پي ۾ جيڪو راضي نامون ٿيو هيو اهو اهيو ته 2022 ۾ ن ليگ جو شهباز شريف وزيراعظم ٿيندو جيڪو ٿيو ۽ 2024 ۾ پي پي جو بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو جيڪو ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ ۽ زرداري ۾ ناراضگيون وڌي ويون آهن. هن وقت پي پي سنڌ تائين محدود ٿي ويئي آهي. 2018 ۾ پي پي ن ليگ سان گڏجي جنرل باجواه کي نوڪري ۾ واڌ ڏني ۽ باجواه پي پي کي ڪيل واعدي مطابق ڌڪ ڏنو.

موجوده حڪومت احتساب جي عمل کي تيز ڪندي پوري ملڪ جي مختلف گدامن ۽ واپارين پاران لڪايل کنڊ، ڪڻڪ، اٽو، کائڻ جو تيل ۽ ڊالر جي روڪ ٿام لاءِ مختلف هنڌن تي تيزيءَ سان ڇاپا هنيا پيا وڃن. جنهن کان پوءِ مارڪيٽ ۾ ڊالر توڙي کنڊ جي قيمت ۾ ڪمي ٿي رهي آهي. احتساب جي عمل کي تيز ڪري آرمي چيف جنرل عاصم منير پنهنجي اداري کان به احتساب شروع ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو پهريون نشانو ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪوئيٽا جي ڊائريڪٽر کي ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. آرمي چيف پنهنجي اداري کان احتساب جي شروعات ڪندي ملڪ جي ڪرپٽ مافيا کي اهيو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هلندڙ احتساب صرف سويلين جي لاءِ نه پر فوج لاءِ به شروع ڪيو ويو آهي. هن وقت حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان واپڊا ۾ جيڪو احتساب ۽ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ان جا بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ جي هر اداري مان نيب هٿان عجب ڏيندڙ گرفتاريون ٿيڻ واريون آهن.

دنيا ۾ جن ملڪن به ترقي ڪئي آهي انهن ملڪن ڪرپشن جي خلاف وڏي جنگ ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ملڪ جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو جنهن جي ڪري اڄ اهي ملڪ دنيا جي خوشحال ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي رهيا آهن. ٿوري نظر چين تي وجهنداسين جنهن معاشي جدوجهد ۾ ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪندي ماڻيون آهن اڄ چين سپرپاور آمريڪا کان معاشي ميدان ۾ اڳڀرو آهي.

بحرالحال ڪرپشن جي خلاف جيڪا پاڪستان ۾ مهم هلي رهي آهي اهيو چئي سگهجي ٿو ته اها مهم سڌريل ملڪن جي چوڻ سان هلائي ويئي آهي. چين اسان جو دوست آهي آخرڪار اسان چين مان ڇا سکيو آهي؟ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪرپشن خلاف مؤثر ڪارروائي ۽ طاقتور هٿن سان نه ڪئي ويئي ته پوءِ شايد ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي. تازو چيئرمين نيب وڏيون مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن ۽ ڪافي وقت کان هڪ جڳهه تي رهندڙ نيب آفيسرن کي هٽايو ويو آهي. هي احتساب جيڪڏهن انهي رفتار سان رهيو ته ملڪ جي هر اداري مان وڏيون گرفتاريون ڏسڻ وٽان ٿينديون. بحرالحال آصف زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلاف ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن جن جو رڪجڻ پري پري تائين ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.