ڌاڙيلن خلاف ٿيندڙ آپريشن جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا؟

تحرير: ذلفي چاچڙ

الميو اھو آھي ته اسان وٽ جتي ڊائلاگ جي ضرورت ھوندي آھي، اتي ڳالھين جي بدران طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آھي، ۽ جتي سھي معنيٰ ۾ طاقت استعمال ڪرڻ گھرجي، اتي اڪثر ٽال مٽول ۽ منٿن مان ڪم ورتو ويندو آھي. جنھن سبب مسئلا حل ٿيڻ جي بدران منجهي پيچيده ٿي ويندا آھن. جڏھن ڪچي جا ڌاڙيل ورلي ٿيندڙ وارداتن کي روز جو معمول بڻائڻ لڳا ته ان وقت سنڌ حڪومت توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندن خلاف ڪو ايڪشن نه کنيو ۽ ھڪ تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندا رھيا. جنھن سبب سنڌ جي اندر ڌاڙيل ھڪ ڀيرو ٻيھر وڏي طاقت بڻجي اڀري آيا، جن ھڪ لحاظ کان ڄڻ ھٿيارن جي عالمي منڊي تائين رسائي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته انھن وٽ اھي جديد ۽ خطرناڪ ھٿيار موجود آھن، جيڪي آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ وقت ان خيال سان ڇڏي ويو ھو ته جيئن افغانستان ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿئي، پر حڪومتي ادارن جي نااھلي سبب آمريڪا جي دکايل چڻنگ سنڌ ۾ ٻري ڀڀڙ ٿي وئي ۽ نيٽو جا جنگي ھٿيار ڌاڙيلن جي ھٿ لڳي ويا. ڌاڙيلن وٽ اھڙا جديد ۽ خطرناڪ ھٿيار ھجڻ جي تصديق بلاول ڀٽو زرداري پڻ ڪري چڪو آھي، تعجب جھڙي ڳالهھ اھا آھي ته بلاول  ڀٽو زرداري پرڏيھي معاملن جو وزير ھوندي به کيس اھا خبر نه پئجي سگھي آھي ته افغانستان کان سنڌ ۾ ڌاڙيلن تائين ھٿيار ڪيئن ٿا پھچن؟  ان سڄي عمل جي پٺيان ڪھڙي قوت ملوث آھي ۽ اھي ھٿيار ڪھڙي اداري جي لاپرواھي ۽ ننڊ سبب افغانستان کان سنڌ پھتا. ان معاملي جو پسمنظر جاچڻ ۽ ان تي ڳالھائڻ لاءِ ڪير به تيار ناھي، جنھن مان سمجھي سگھجي ٿو ته ھن ملڪ جي نظام کي سياستدان جي بدران ڪا ٻي طاقت ڪنٽرول ڪري رھي آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ايترو ته وڌي ۽ مضبوط ٿي ويو آھي، جو ھاڻ اھي رياست سان  ٽڪر کائڻ جي پوزيشن ۾ پھچي چڪا آھن، جيڪي اڪثر موقعن تي مختلف طريقن سان رياستي رٽ کي چيلنج ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ للڪاريندا رھن ٿا ۽ اھو لقاءَ نه صرف پورو ملڪ پر سڄي دنيا سوشل ميڊيا جي وسيلي ڏسي رھي آھي.

جيتوڻيڪ نگران حڪومت ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ رينجرز جي وڏي نفري گھوٽڪي ڪشمور شڪارپور ۽ سکر جي مختلف شھرن ۾ پھچي وئي آھي، پر آپريشن جو اڃا تائين باضابطا طور آغاز يا اعلان ناھي ٿي سگھيو. ڏوھارين جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي يا نام نھاد آپريشن ڪيو ويندو؟ اھو سوال سنڌ جي ماڻھن کي منجھائي رھيو آھي ڇاڪاڻ ته رينجرز جو ھڪ اعلي علمدار ڪشمور ۾ پھچڻ شرط ئي ھڪ وڏيري کي سلام ڪرڻ لاءِ وٽس پھچي ويو. ياد رھي ته اِھو وڏيرو اھو شخص آھي، جنھن ڏوھارين سان رعايت ۽ نرمي نه ڪرڻ سبب پنھنجو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ايس ايڇ او زياد نوناري کي ضلعي بدر ڪرايو، جنھن کان پوءِ ڪشمور شھر ۾ وري امن ۽ سڪون جو سج نه اڀري  سگھيو. ڀوتارن جو اثر قبول ڪرڻ سبب ئي سنڌ پوليس سدائين پنھنجا فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيندي رھي آھي، ان لاءِ ھاڻوڪو امڪاني آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شڪي بڻجي ويو آھي. جيڪڏھن ان ملاقات جو پسمنظر سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي اھو پڻ ھڪ ڊرامو ئي معلوم ٿيندو. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ فورس جو وڏو انگ مقرر ڪري ڪن ڏوھارين کي وڏيرن ۽ سردارن جي معرفت سرينڊر ڪرائي سرڪاري خرچ سجايو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ته جيئن سندن ساک خراب نه ٿئي. جھڙي طرح ماضي ۾ ڇوٽو باڪراڻي ۽ سلطو شر سان ڪيو ويو ھو. البته ڪجھه وڏيرن جا نافرمان ڌاڙيل آپريشن جي زد ۾ اچي مارجي ويندا. رينجرز جي مقرري سان علائقي ۾ عارضي امن ضرور قائم ٿيندو، جنھن سبب ڌاڙيلن کي ٺاھوڪو ڌڪ ايندو سندن آمدني جا سڀئي دڳ بند ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته رينجرز ۽ پوليس سندن گھٽ ۽ گھيڙن تي پڪٽون قائم ڪري ويھي رھندي. جنھن سبب اھي ڪچي تائين محدود ٿي ويندا جيڪي ڪنھن به پاسي ٻاھر نڪري واردات ڪرڻ لاءِ وڃي نه سگھندا. ان لاءِ ڌاڙيلن سان لاڳاپيل ھر ماڻھو ۽ قوت جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويندو. ۽ اھي چاھيندا ته ايندڙ  اليڪشن ۾ سنڌ ۾ اھا ساڳئي حڪومت برپا (قائم) ٿئي. جنھن کين فري ھينڊ ڇڏيو ھو، جنھن لاءِ ھو ننھن چوٽي جو زور لڳائيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.