استاد حنيف لاشاري سنڌ جو اهو فنڪار آھي جنهن کي موسيقي جي سرن جي نه صرف ڄاڻ آھي ۽ سريلو ڪلاسيڪل راڳي آھي پر ان سان گڏ بهترين ڪمپوزر به آھي. ڳائڻو سريلو هجي سٺو ڪمپوزر هجي ۽ معياري شاعري ڳائي ته موسيقي جو ڄڻ حق ادا ٿي وڃي ٿو. اها به سندس خوبي آھي ته هن سدائين معياري شاعري ڳائي آھي ۽ ڪلاسيڪل شاعرن کان اڄ جي نئين ٽهي جي شاعرن تائين سڀني کي دل سان ڳايو اٿائين.
حنيف جو سڀ کان اڳ تعارف وائيسز گروپ وارو سامهون آيو هو جنهن ۾ هو بيدل مسرور، شاهد ڀٽو، پرويز سومرو، شڪيله وارن سان گڏجي انقلابي ۽ ترقي پسند جديد شاعري ڳائيندا هئا. وائيسز گروپ جي شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض جي شاعري واري رليز ٿيل ڪيسيٽ اڄ به دلين تي نقش آھي. ان جا ڪلام هڪ انقلابي اتساهه ڏيندا هئا.
ان ئي دور ۾ حنيف لاشاري جو ڳايل انور پيرزادي جو نظم اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان سڄي سنڌ ۾ مشھور ٿيو هو. هڪ مشھور واقعو ان ڪلام سان جڙيل آھي ته سائين جي ايم سيد اهوڪلام جڏھن روبرو ٻڌو ته ٻه ٽي ڀيرا وري ٻڌائڻ جي فرمائش ڪيائين ۽ ٻڌي هنجون هاري ويٺو. اهي لڙڪ سندس لاء ڪنهن وڏي ايوارڊ کان گهٽ نه هئا. ان ڪلام انور پيرزادي ۽ حنيف لاشاري کي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني.
حنيف لاشاري اصل ۾ استاد منظور علي خان جي موسيقي واري ورثي جو پوئلڳ آھي ۽ ڀٽائي جو ڄڻ ته راڳي فقير آھي. فني سکيا استاد ارباب خان کوسو، استاد بچل خان ٻرڙو ۽ استاد گلزار علي خان جهڙي وڏن ڳائڻن کان ورتائين. سو سندس راڳ جو اسڪول آف ٿاٽ استاد منظور علي خان ۽ استاد گلزار علي خان وارو ئي آھي. ان ڪري راڳداري تي مهارت رکندڙ اهڙو ڪردار آھي جيڪو ڪلاسيڪل موسيقي واري ورثي کي اڄ ڏينهن تائين سنڀاليو اچي. هو ڪا جديد ڌن به ٺاهيندو ته اها ڪنهن نه ڪنهن راڳ ۾ هوندي آھي.
هو ڌن ٺاهڻ ۾ به تخليقي آھي ان لاءِ صرف ڄاڻ هجڻ ڪافي ناهي پر اندر جو درد ۽ نئون انداز به ضروري آھي. سندس ڪلامن جون ٺاهيل ڌنون سندس تخليقي فن جو ثبوت آھن جيئن اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان، ٿو جلي هي جبل، هي نيڻ مون کي ڳوٺ کان آيل مسافر ٿا لڳن، وري رهي ٿي جهڙالي موسم، سدائين اڪيلا اڪيلا رهياسين، شخص هڪڙو ياد آيو شام جو، ترسو لانڍي اوٽ الاڙي، هن کي ڦاهي جي جهولي ۾، منهنجي ديس جي پهاڙن کي چئو، وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو، توکي ڇهڻ جي خواهش، تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ۽ ڪيتريون ئي ڌنون مشھور آھن.
سندس آواز ۾ هڪ درد هڪ سوز هوندو آھي. جيئن هر شي جي جواني هوندي آھي تيئن حنيف جي آواز واري جواني دل جون تارون ڇيڙي ويندي هئي. اڄ سندس آواز ۾ اها جواني ناهي پر فن وارو ڪلاس اڃا قائم اٿس.
استاد مهدي حسن جي غزل ڳائيڪي کان به گهڻو متاثر رهيو آھي ۽ جڏھن اردو غزل ڳائيندو آھي ته ان ۾ درد جو نئون ذائقو اوتي ڇڏيندو آھي ان ڪري اڪثر دوست محفلن ۾ اردو غزل ڳائڻ جي فرمائش ڪندا اٿس.
جڏھن استاد بشير خان سان طبلي جي سنگت ڪندو هو ته خالد مخدوم جيڪو موسيقي جو عاشق هو ۽ انور پيرزادو جنهن کي موسيقي جو راء ڏياچ ڪوٺيندو هو سو گلشن حديد ۾ پنهنجي گهر ڪرايل نجي محفلن ۾ کين وڏو داد ڏيندو هو.
هي رڳو ڳائڻو ناهي پر موسيقي وسيلي ڄڻ هن ماڻھن جي فڪري تربيت به ڪئي آھي. اهڙي شاعري ڳائي آھي جنهن ۾ روشن خيالي ترقي پسندي ۽ لبرل سوچ آھي. هو سٺن پڙھيل لکيل ماڻھن جي صحبت ۾ رهيو آھي انهن مان سکيو آھي. هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ پڻ رهيو آھي. اسلم اظھر، منصور سعيد جي گهر جيڪي کاٻي ڌر جون ميٽنگس ٿينديون هون تن ۾ شامل رهيو. ٻڌائيندو آھي ته پمفليٽ لکي رات جو ڀتين تي چنبڙائيندا هئاسين. حنيف اهو پڻ ٻڌائيندو آھي ته اسان کي ڀٽائي جي فڪر ۽ ان جي شاعري ڳائڻ طرف انور پيرزادي آندو.
اڳتي هلي غفور سومري ۽ انور پيرزادي سان ملي فنڪارن لاءِ آسا تنظيم به گلشن حديد ۾ ٺاهي هين جيڪا هاڻي به قائم آھي پر هي هاڻي ان سٿ سان ناهي ۽ غفور سومرو ان جي اڳواڻي پيو ڪري. حنيف وري ان کان پوءِ استاد گلزار علي خان ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي.
سندس ڪيترائي شاگرد آھن جن مان سندس ننڍو ڀاءُ واحد لاشاري خود وڏو فنڪار آھي. ان کان سوا شھنيلا علي، نبي بخش ناريجو, طارق چانڊيو ۽ ٻيا سندس شاگرد رهيا آھن. حنيف جا پٽ به باقائدي ڳائيندا آھن ۽ سندس ڌي ماتا به ڏاڍي سريلي آھي پر اڃا سندس آواز منظر عام تي اچي سنڌ کي حيران نه ڪيو آھي.
2017 ۾ کيس صدارتي ايوارڊ به مليو ۽ لطيف ايوارڊ به مليو اٿس. اسان جي ادارن کي گهرجي ته اهڙن ماڻھن جي فن مان فائدو وٺن. ثقافت کاتي ۽ ٻين ادارن کي ڪا ميوزڪ اڪيڊمي کولڻ گهرجي جتي حنيف لاشاري ۽ اهڙا ٻيا سريلا ڄاڻو فنڪار شاگردن کي فني سکيا ڏين اها سنڌي موسيقي جي خدمت ليکبي ڇاڪاڻ ته ماهر ماڻھو روز روز پيدا ناهن ٿيندا.