قومي وسيلا عالمي سامراج وٽ وڪرو ڪيا ويا، سنڌ کي فلسطين بڻايو پيو وڃي: لال جروار

سجاول (پ_ر) سجاول، ٺٽي، ڪراچي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي تي قبضن، سجاول ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ منشيات، سنڌ جي زمينن جي نيلامي، زرعي انقلاب جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي غير ملڪين حوالي  ڪرڻ، بوگس آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي قائم ڪيل شهنشاهيت، سردارن ۽ رياست جي سرپرستي ۾ بيگناهه سنڌين کي اغوا ڪري انهن جي وارثن کان ڀنگ وصول ڪرڻ جي ڪڌي ڪاروبار، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ پنجاب پاران سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان بٺوري اسٽاپ سجاول کان نڪتل ريلي مامون لاڏو چوڪ ۽ شاهي بازار کان ٿيندي پبلڪ پارڪ پهچي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، سنڌ جي زمينن جي نيلامي نامنظور، منشيات فروشي بند ڪريو، ڌاڙيل راڄ نامنظور، بحريا ٽائون نامنظور، ذولفقارآباد نامنظور، ڊي ايڇ اي سٽي نامنظور، ڪارونجهر جي نيلامي بند ڪريو ۽ ٻيا  نعرا هنيا ويا، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اظھار دائودپوٽي، علي محمد پرويز، نور نبي پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر عمره سمون،  سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر حسين آزاد، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، مجيد ساگر پرهياڙ ۽ ٻين ڪئي، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته گذريل 75 سالن کان پاڪستان تي حڪومت ڪندڙ نالي ماتر جمهوري حڪومتن ۽ فوجي ڊڪٽيٽرن مارشل لائون مڙهي ملڪ کي ڦري لٽي اربين کربين رپيا ڪمائي ملڪ جي قومي وسيلن کي عالمي سامراج وٽ وڪرو ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي آمريڪا سامراج ۽ ان جي ٺاهيل عالمي ادارن آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ٻين وٽ وڪرو ڪري ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته گذريل حڪومتن جيان هي نگران حڪومت به عالمي مالياتي سامراجي ادارن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي نوڪر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سجاول، ٺٽي، ڪراچي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪري لکين افغانين ۽ ٻين ڌارين کي قابض ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي اڳوڻي وفاقي سرڪار غير ملڪين کي وڪڻي سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير ملڪين کي ڏيئي سنڌين جي پيرن هيٺيان زمين کسي سنڌ ۾ نئون اسرائيل جوڙي سنڌ کي فلسطين بڻايو پيو وڃي، فيسليٽيشن ڪائونسل جوڙي سنڌ جا سمورا وسيلا، معدنيات ۽ زمنيون غير ملڪين کي وڪڻڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سهولتڪاري ڪائونسل سنڌ جي وجود تي وار آهي، معاشي ترقي ۽ زرعي انقلاب جي آڙ ۾ سنڌين کي بي گهر ڪرڻ بند ڪيو ويو وڃي، هن چيو ته ڪراچي، ٺٽي، ڄامشوري، دادو، حيدرآباد، بدين سميت سجاول جي به لکين ايڪڙ زمين تي والار جاري آهي. سنڌ جون زمينون سنڌين کي ڏيڻ بدران غير ملڪين کي ڏئي ملڪي معشيت جو ڏيوالو ڪڍيو پيو وڃي، سنڌ جي تاريخي ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، ڪوهستان، گورک، گنجو ٽڪر کي رهائشي اسڪيمن ۽ معاشي ترقي جي آڙ ۾ مسمار ڪيو پيو وڃي،  سنڌ جي نگران حڪومت کي سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ تاريخي ماڳ وڪڻڻ جو ڪو به آئيني اختيار ناهي، کيرٿر نيشنل پارڪ تي قبضا مافيا قبضا ڪري رهي آهي. تاريخي ورثي کيرٿر کي مسمار ڪري بحريا ٽائون اڏيو پيو وڃيم آءِ ايم ايف جي فرمائش تي تيل ۽ بجلي جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه وڌايا وڃن ٿا، روز مره جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري مسڪين ماڻهن کان هڪ ويلي جي ماني به کسي ويئي آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته  زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ ڪنهن هڪ به هاري کي ايڪڙ زمين نه ڏني، پر عرب ملڪن کي لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون لکي ڏئي ڇڏيون آهن، عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ جي 13 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري سان نيلام ڪرڻ سنڌ جي وجود مٿان ڪهري وار برابر آهي، بوگس آدمشماري وسيلي سنڌين جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز چيو ته سنڌ جي حصي جي پاڻي تي پنجاب ناجائز قبضو ڪيو آهي. ضرورت جي وقت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته هن مهانگائي واري دور ۾ سڀني کان وڌيڪ سنڌ جو هاري ڀوڳي رهيو آهي ٻج ۽ ڀاڻ جون قيمتون آسمان تي پهچايون ويون آهن زرعي کاتو ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته سنڌ ۾ جاگيردار نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي، غريب نياڻين جي تعليم پرائڻ تي مڪمل بندش پيل آهي. عاطف ملاح چيو ته پيپلز پارٽي ٻين سنڌ دشمن منصوبن سان گڏ سنڌ جي تعليم تباهه ڪري ڇڏي آهي زرداري مافيا جي ونگارو پوليس لمس جي شاگردن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر حسين آزاد چيو ته سجاول ضلعي ۾ پوليس ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت وسيلي منشيات جو عذاب آهي آئيس، گٽڪو، مين پڙي، پان، سفينا، چرس، آفيم، ٺرو ۽ ٻي قسم جي زهريلي منشيات سرعام انتظاميا ۽ پوليس جي سرپرستي هيٺ هلندڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.