ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته مزدورن ۽ هارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻندس، هن اها ڳالهه پائلر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٽريڊ يونينز جي وفد سان ڳالهائيندي چئي، وفد ۾ پيپلز ليبر بيورو جو حبيب جنيدي، عورت فائونڊيشن جي مهناز رحمان، ليڊي هيلٿ ورڪرز جي بشرا آرائين، ايڇ آر سي پي جو اسد اقبال، ڪي يو جي جو فهيم صديقي ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ ڪانٽريڪٽ ورڪرن کي ريگيولر ڪرڻ، ويج ايوارڊ، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ڪارڪنن کي پگهارن جي ادائيگي، مختلف ڪارپوريشنز/ تنظيمن جي نجڪاري ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عملدرآمد بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته هو سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي.