راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) فاطمه قتل ڪيس ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس دستگير هائوس تي چڙهائي ڪئي، فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير فياض حسين شاهه کي پوليس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، فياض شاھ ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽ مان ستن ڏينهن جي پنجاهه هزارن مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي هئي جنهن کان پوءِ پير فياض راڻيپور پهچي دستگير هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن کان پوءِ پوليس ايس ايڇ او بچل قاضي ۽ ايس ايڇ او عبدالجبار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ دستگير هائوس تي چڙهائي ڪري پير فياض شاهه کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي فاطمه قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت تي آزاد ٿيل پير فياض شاھ قرآن پاڪ کڻي دستگير هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فاطمه ڦررڙو جي قتل ۾ سياسي طور بدنام ڪرڻ لاءِ اسان کي ڦاسايو ويو آهي، قرآن پاڪ تي چوان ٿو ته فاطمه ڦررڙو جو قتل ۾ اسد شاهه سميت جيلاني خاندان جو ڪو به فرد ملوث ناهي، پهرين ڏينهن فاطمه جي وارثن کي چيو هو ته پوسٽ مارٽم ڪرايو هنن نه ڪرايو، فاطمه ڦررڙو اسان جي نياڻي هئي اسان ان کي پنهنجي ٻچن جيان ڏسندا هئاسين فاطمه ڦررڙو جو موت بيماري سبب ٿيو آهي، سازش تحت بدنام ڪيو پيو وڃي، مان قرآن پاڪ کڻي چوان ٿو ته فاطمه ڦررڙو جو موت بيماري ٿيو آهي، اسد شاهه سميت جيلاني خاندان جو ڪو به فرد ان ۾ ملوث ناهي، سوشل ميڊيا جي دوستن کي صحافي برادري وڪيل برادري کي اپيل ٿو ڪريان ته معاملي جي قرآن پاڪ تي جاچ ڪيو جيڪو به ملوث هجي ان کي بخش نه ڪيو وڃي باقي هروڀرو ڪنهن مٿان الزام نه هنيو وڃي.