جسٽس احمد علي شيخ جا سپريم ڪورٽ ۾ مقرريءَ جا امڪان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سينيارٽي بنياد تي سپريم ڪورٽ  ۾ مقرر ڪيو ويندو، ڇو ته جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ اعليٰ عدالت ۾ ٻن  ججن جون جايون خالي پيل آهن.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سينيئر جج جي حيثيت ۾ ان وقت جي چيف جسٽس عمر عطابنديال کي ٻه ڀيرا لکي چڪو هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي پر عمرعطا بنديال ان ڏس ۾ ڪابه  موٽ  نه ڏني هئي.

هاڻي جڏهن قاضي فائز عيسيٰ پاڻ چيف جسٽس ٿيو آهي، تڏهن اميد ڪئي پئي وڃي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جون جايون ڀري جج مقرر ڪري التوا ۾ پيل ڪيسن جو جلد اڪلاءَ  جا انتظام ڪيا ويندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.