اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اليڪشن ڪميشن جنوريءَ ۾ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سياستدان وڌيڪ سرگرم ٿي ويا آهن.
نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور پهچي چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ملاقات ۾ طئه ٿيو آهي ته سياسي پارٽيون موجوده صورتحال ۾ ڇڪتاڻ واري سياست کان پاسو ڪن.
ان سلسلي ۾ چوڌري شجاعت ذميواري کنئي آهي ته هو ان حوالي سان نواز شريف سان به فون تي رابطو ڪندو ۽ ملڪ کي موجوده معاشي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ڪوششون وٺڻ جي صلاح ڏيندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي