شجاعت جو زرداري کي ن ليگ سان ڇڪتاڻ نه ڪرڻ جو مشورو

لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چوڌري شجاعت حسين جي ملاقات جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري  ۽ چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ملاقات دوران چوڌري شجاعت حسين آصف زرداري کي چيو ته ڪالهه(ن) ليگ ۽ پيپلز  پارٽي وچ ۾ جيڪا بيان بازي سامهون آئي، سياسي ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي، اِها ٺيڪ ناهي، اسان آئين ۽ زميني حقيقتن موجب ڳالهه ڪندا آهيون، ڪنهن ڇڪتاڻ جي نه، معاملا ڇڪتاڻ ڏانهن نه وڃڻ گهرجن. ذريعن موجب چوڌري شجاعت چيو ته ملڪ سياسي ڇڪتاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي، ان حوالي سان نواز شريف سان به ڳالهائيندس.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.