اسلام آباد (م ڊ) امجد ثاقب کي بي آءِ ايس پي چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، صدر عارف علوي ڊاڪٽر امجد ثاقب کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر امجد ثاقب جي مقرري جي منظوري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ 2010 جي سيڪشن 5 ٽي جي تحت ڪئي آهي.