باجوا، فيض حميد، ثاقب نثار آصف کوسا، عظمت سعيد قوم جا ڏوهاري آهن: نواز شريف

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جنرل (ر) قمر باجوا، فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جا ڏوهي آهن. لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز  شريف پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ مريم نواز به موجود هئي. گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته 2017 جي پاڪستان کي سازش تحت تباهي ڪناري پهچايو ويو، جيستائين سازش ۾ شامل سڀني ڪردارن کي انجام تي نٿو پهچايو وڃي پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي. هن چيو ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر باجوا، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسا ۽ عظمت سعيد پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جا ڏوهي آهن. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي جا معاملا طئي ٿي ويا آهن. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ميان نواز شريف پاڪستان جي ترقي جو سفر ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ واپس پاڪستان وڃي رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر اتان ئي شروع ٿيندو جتان روڪيو، اڄوڪي اجلاس ۾ نواز شريف جي پاڪستان واپسي بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ جيڪو ٿيو اهو قوم سان سنگين مذاق آهي، 2018ع ۾ نواز شريف جو مينڊيٽ کسيو ويو، نواز شريف اقتدار کان محروم نه پر ڪروڙين عوام کي خوشحالي کان محروم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.