قائد اعظم يونيورسٽي ۾ فورس مقرري تي چيف جسٽس کي ڪاوڙ، شاگرد يونين بحالي جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو ۽ قاعدا طئي ڪرڻ  لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رڪن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وائيس چانسلر پروفيسر نياز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. ذريعن موجب قائداعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم واري سيڪريٽري وسيم اجمل جي سربراهي ۾ شاگرد يونين لاءِ قاعدا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته چيف جسٽس يونيورسٽي ۾ هٿيار بردار پوليس، رينجرز ۽ سيڪيورٽي جي موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته يونيورسٽي کي هٿيارن ۽ منشيات کان پاڪ رکو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته يونين غير جماعتي هجي، فرقيواريت، لساني ورهاست کان پاڪ هجي، قائداعظم يونيورسٽي جي پهرئين قانون ۾ يونين موجود هئي، جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي پهرئين حڪم ۾ يونين ختم ڪئي وئي. هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏيو، ايجنسين کي به يونيورسٽي معاملن کان پري رکو، هتي اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.