ڪراچي (رپورٽر) نگران حڪومت نواز شريف جي وطن واپسي تي لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي. گورنر هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت کي قانون سازي جو اختيار ناهي، اليڪشن ڪميشن تي اعتراض ڪندڙ عدالت وڃي سگهن ٿا، آدمشماري موجب تڪ بندين جو ڪم هلي رهيو آهي، سياسي پارٽين کي اليڪشن مهم لاءِ 54 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ مارشل لا ناهي، هن ملڪ ۾ آئين آهي، مان ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته شاگرد تنظيمون جمهوريت جو پهريون قدم آهن. جيڪڏهن قاضي فائز عيسيٰ شاگرد يونين جي بحالي جو اهو فيصلو ڪيو آهي ته تمام سٺو آهي.