گرفتار صحافي خالد جميل عدالت پيش، ٻن ڏينهن جو رمانڊ

لاهور (عوامي آواز نيوز) ايف آءِ اي هٿان گرفتار صحافي خالد جميل کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري ٻن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو آهي، نامياري  صحافي رضوان رضيءَ جو چوڻ آهي ته صحافي خالد جميل کي هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ جي الزام ۾ ايف آءِ اي گرفتار ڪيو آهي. چڱي ڳالهه آهي ته خالد جميل  کي کنڀي گم ڪرڻ بدران گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اميد ڪجي ٿي ته ان سان عدالت انصاف ڪندي ۽ کيس باعزت طور آزاد به ڪيو ويندو. ياد رهي ته خالد جميل به پي ٽي آءِ حامي صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.