حريت اڳواڻ مير واعظم عمر فاروق جي 4 سالن کانپوءِ نظربندي ختم

سري نگر (م ڊ) ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي حريت اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي 4 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين نظربند رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو. والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان اڳ مير واعظ عمر فاروق کي 4 آگسٽ 2019 ۾ نظربند ڪيو ويو هو. چئن سالن جي نظربندي ختم ٿيڻ کانپوءِ مير واعظ عمر فاروق سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏنو، خطبو شروع ڪرڻ کان اڳ مير واعظ جون اکيون ڀرجي آيون، جڏهن ته ان موقعي تي مسجد ۾ هزارين ماڻهو موجود هئا.

  • نگران وڏي وزير ڪراچي يونيورسٽي ۾ استادن جي هڙتال جو نوٽيس ورتو

ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي يونيورسٽي ۾ استادن جي هڙتال جو نوٽيس ورتو، وڏي وزير سنڌ يونيورسٽي ۽ بورڊ جي سيڪريٽري کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، سنڌ جي وڏي وزير استادن کي تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي استادن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، واضع رھي ته ڪراچي يونيورسٽي جي استادن مطالبن جي مڃتا تائين گذريل ڏينهن کان مارننگ ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.