ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌجي قديمي ڳوٺائڻ تي قبضو ڪرڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ،آءِ جي سنڌ ۽ لينڊ کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ درخواستگذار فدا قريشي جي وڪيل چيو ته ريڙهي ڳوٺ، چشمه ڳوٺ، لٺ بستي ۽ ابراهيم حيدري تي قبضو ڪرڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي، ڳوٺاڻن جي 3سئو ايڪڙ سرڪاري زمين تي خانگي هائوسنگ اسيڪم ٺاهي رهي آهي، قديمي رهواسين جو رستو بند ڪيو پيو وڃي، بلڊرنورفاطمه سٽي جي نالي سان 2اسيڪمون ٺاهي رهيو آهي.