ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي ) ڪشمور ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي ڪشمور پهچي جيل مان آزاد ٿيل ميان ظهور احمد ۽ ڌاڙيلن کان آزاد ٿي پھتل ساگر ڪمار کي مبارڪون ڏنيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي شبير بجاراڻي جو چوڻ هو ته بخشاپور بڊاڻي مکي، جگديش ڪمار، نينگر جئديپ ڪمار ۽ گڊو مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر منير احمد نائچ، ساگر ڪمار سميت سڀئي مغوي لکين رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن، ڪشمور پوليس مقابلا ڪٿي ڪيا، ڏوهاري ظاهر نه ٿيا، سمورا معاملا سواليا نشان بڻيل آهن، اسان هميشه مظلوم ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي، ڪشمور ضلعي اندر ڌاڙيلن خلاف پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن جي حمايت ڪئي آهي، مون خلاف اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي، ڪچي ۽ پڪي جي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو وڃي ۽ ٻين مغوين کي به ترت آزاد ڪرايو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ شبير علي بجاراڻي چيو ته ڪشمور ضلعي اندر پيپلزپارٽي اڳواڻن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون به بنياد آهن، ھن چيو ته ايندڙ اليڪشن پيپلزپارٽي طرفان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي وڙهندس منهنجو والد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سياست ڪندو رهيو ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ مرحوم ھزار خان بجاراڻي سکر جيل ۾ ھڪ سال قيد ڪاٽي پيپلزپارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندي.