ٺٽي جو ميونسپل ملازم عرفان ڪچي ۾ قيد، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب، ريلي، ڌرڻو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني جي رھواسي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ڪچي ملازم عرفان عرف ماني مسيح ڪشمور جي ڪچي ۾ قيد بڻيل، اغوا کي ھڪ ھفتو ٿي ويو، ڌاڙيلن پاران ھڪ  ڪروڙ رپيا ڀُنگ طلب، مغوي جي وارثن ۽ مختلف ڌرين طرفان ڌرڻو هنيو ويو، هفتو اڳ غوثپور واري علائقي مان مبينا طور عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل نوجوان عرفان مسيح جو ٺٽو پوليس پاران اغوا جو ڪيس داخل  نه ڪرڻ توڙي سندس آزادي لاءِ ڪوششون نه وٺڻ خلاف وارثن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عرفان مسيح جي والد بشير مسيح ، والده رضيا مسيح، ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر جلال شاھ، قومي عوامي تحريڪ جي منور ڀٽو، آپڪا اڳواڻن ستار قريشي، سجاد سمون، راجو قريشي، فياض مسيح ، شھباز مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪندي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، پريس ڪلب ٺٽو اڳيان نٽھڻ اُس ۾ ھنيل ڌرڻي دوران مغوي عرفان مسيح جي امڙ رضيا گرمي لڳڻ سبب بيھوش ٿي وئي، مغوي جي وارثن ۽ اڳواڻن چيو ته عرفان عرف ماني مسيح ھڪ ھفتو اڳ ٺٽي مان اغوا ٿيو آھي، ٺٽو پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي وڃڻ وارو ڊرامو رچائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رھي آھي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي، عرفان مسيع ٺٽي شھر جو رھواسي آھي ۽ ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جو ملازم آھي، جنھن کي گم ٿيندي ھڪ ھفتو ٿي ويو آھي پر ٺٽو پوليس جاچ ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي، مغوي کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.