يارو لنڊ ۾ وحشي جوابدار هٿان ڳلو ڪپي نوجوان زال قتل

ميرپورماٿيلو/ حيات پتافي( نمائندن وٽان) يارولنڊ لڳ لنڊ فارم جي علائقي ۾ وحشي صفت جوابدار مڙس اصغر شنباڻي ساٿين سان  گڏجي ڪاتين سان حملو ڪري ڳلو ڪپي پنھنجي نوجوان زال نجما باکراڻي بگٽي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، بلوچستان جي سئي جي علائقي جي رھواسي مقتولا جي والدين ڪرائي جي ايمبولينس ذريعي يارولنڊ پھچي لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلي پھچايو، جتان لاش جي ضروري ڪارروائي بعد نياڻي جي لاش کي پاڻ سان گڏ سئي ڊيرا بگٽي کڻائي ويا، مقتولا ناري جي امڙ مسمات نعمت بگٽي ۽ ڀاءُ جمشير بگٽي روزاني عوامي آواز آڏو دانھيندي چيو تھ نياڻي نجما بگٽي کي مڙس ۽ ڏيرن اصغر شنباڻي، جماالدين شنباڻي، مولابخش شنباڻي بگٽي ۽ ٻين قتل ڪيو آھي، نياڻي جي قاتلن کي ڪيفري ڪردار تائين پھچائڻ لاءِ ڪير به مدد نٿو ڪري، جوابدارن کي بااثرن جي حمايت حاصل آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.