ڪراچي (رپورٽر) گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي هدايت تي ڪينسر جي مريض جي علاج لاءِ 2 لک 21 هزار رپين جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، اسماء نالي عورت اميد جي گهنٽي تي سنڌ جي گورنر کان علاج لاء مالي مدد جي اپيل ڪئي هئي۔ جنهن تي علاج لاءِ منظور ڪيل گرانٽ جو ليٽر مريض جي مڙس جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ جي گورنر پاران مريض ۽ سندس مڙس کي راشن جا ٻه ٿيلها پڻ ڏنا ويا. مريض ۽ سندس مڙس طرفان سنڌ جي گورنر جو شڪريو ۽ نيڪ خوهائشن جو اظھار ڪيو. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪورنگي ۾ پيءُ پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدار حسان جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ ۽ سندس ساٿي ڦورو جي گرفتاري تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ايڊيشنل آء جي ڪراچي ۽ ڊي آء جي ايسٽ هن ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد جا مستحق آهن. پوليس جي بروقت ڪارروائي سان ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري عوام جو اعتماد بحال ٿيندو.