چونڊن ۾ پ پ سڀني کي سرپرائز ڏيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ  جي سڌ سماءَ واري اڳوڻي  وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جڏهن به چونڊون ٿينديون ته سڄي ملڪ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. نگران حڪومت کي ڪجهه هدف ۾ رهندي شين تي حڪومتي رعايت ڏيڻي پوندي. هن اها ڳالهه  ڪراچي پريس ڪلب  ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 35 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ کان بعد صحافين سان ڳلهائيندي چئي.ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، جنرل سيڪريٽري شعيب احمد ، گورننگ باڊي جي ميمبر ذوالفقار راڄپر ۽ ٻيا صحافي موجود هئا. تقريب هن چيو ته اسان جي دور ۾توانائي کاتي  2 لک کان وڌيڪ سولر سسٽم ڏنو هو، جيڪي اسپتالن، اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي ڏنا ويا هئا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏنا ۽ سولر سسٽم لڳائي ڏنو، بلاول ڀٽو هڪ عوامي مقصد سان عوام کي  رليف فراهم ڪيو آهي.  هاڻي ان جي خواهش آهي ته ٻين صوبن ۾ به ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي  ته سنڌ وانگر گهر ٺاهي ڏيڻ گهرجن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سي پيڪ جو باني آصف علي زرداري آهي ڀلي اسان جي خلاف ڪيتري به مهم هلائي وڃي پر  پيپلز پارٽي  چونڊن ۾ خوشخبري ڏيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪي مفادن  لاءِ سخت مخالفن سان به گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهي سڀني کي گڏجي ويهارڻ جي صلاحيت رڳو آصف زرداري ۾ آهي. هن  چيو ته ملڪ جو عوام پريشان آهي بجلي جي مهانگائي خلاف نڪري رهيا آهن،انهن  سمورن پريشانين جو حل پيپلز پارٽي وٽ آهي. جيڪڏهن ڪو ئي مهانگائي جي طوفان مان ڪڍي سگهي ٿو اها پيپلز پارٽي ئي آهي.  هن وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. انهي ۾ ڪراچي ۾ سستي بجلي ٺهي  رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان بهترين  اسپتالون سنڌ ۽ ان جي شهرڪراچي ۾ آهن. جنهن ۾ سئو سيڪڙو مفت علاج ٿي رهيو آهي ۽ هر  ضلعي ۾ دل جي مرض جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي. اسان ريسڪيو 1122 جي سروس به فراهم ڪئي اڳوڻي چيف جسٽس تي  تنقيد ڪندي هن چيو ته عطا بنديال کي ملڪي ادارن کي تباهه ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ پاڻ مرادو نوٽيس نه وٺڻ گهرجي ها. هن سوال ڪيو ته عطا بنديال کي نيب ۽ ڪرپشن  جو  ايڏو خيال هو ته بي آر پي ٽي اسٽي ڇو ڏنو. شرجيل انمام ميمڻ چيو ته ليونگ پلينگ فيلڊ جو مطلب اهو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن  شفاف ٿئي. هن چيو ته هر جماعت ۾ ڪجهه سٺا ۽ خراب ماڻهو ٿي سگهن ٿا ۽ اسان پير صاحب پاڳاري جو دل سان احترام ڪريون ٿا. شرجيل انمام ميمڻ چيو ته جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿيندو ته اسان ڪنهن سان به اتحاد جو فيصلو ڪنداسين ۽ اسان اهو ڪڏهن به ناهي چيو ته پير پاڳاري سان اتحاد نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻه  الڳ جماعتون آهن ۽ اسان جا نظريا ۽ سياست جو نمونو مختلف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.