عام چونڊن جنوري 2024 ۾ منعقد ڪرائڻ جو اعلان ۽ عوام جي اميد  

جيتوڻيڪ ٿيڻ ڪاڻ تھ ھن ملڪ ۾ ڪجھه بھ ٿي سگھي ٿو.پر ھن وقت اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل اعلان موجب  عام چونڊون جنوري 2024 جي آخري هفتي ۾ ٿينديون.

اھڙو اعلان خميس واري ڏينھن جاري ڪيو ويو آھي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ موجب تڪبندين جي ڪم جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي.جڏھن تھ تڪبندين تي اعتراضن ۽ تجويزن ٻڌڻ کانپوءِ حتمي فھرست 30 نومبر تي جاري ڪئي ويندي، 54 ڏينهن جو اليڪشن پروگرام هوندو.

ملڪ ۾ جاري بي يقيني واري ڪيفيت ۾ سياسي ڌرين طرفان نگران ۽ اليڪشن ڪميشن کان جلد ۽ شفاف عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ مطالبو ڪيو پئي ويو ۽ ڪجھھ ڏينھن اڳ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي دوري دوران پنھنجين تقريرن ۾ اليڪشن ڪميشن پاڪستان کان 90 ڏينھن اندر چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ھو.

ساڳي ريت سمورين سياسي جماعتن جو چوڻ ھو  تھ چونڊون ڪرائڻ  اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽ اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ جو تڪڙو اعلان ڪري جيڪو ئي ان اداري جي ذميواري ۽آئيني گھرج بھ آھي.

ھتي اھا ڳالھھ بھ ذڪر جوڳي آھي تھ مخلتف عالمي ادارن ۽ ملڪن جو بھ اھو ئي چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ جٽادار معاشي توڻي سياسي ماحول لاءِ عام چونڊون لازمي آھن.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۾ به چيو ويو هو ته هلندڙ مالي سال دوران ٿيندڙ چونڊن سان پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو امڪان آهي.اھڙي ئي ڳالھھ ٻيا ادار بھ ڪندا رھيا آھن.

عام چونڊن جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڪنور دلشاد ،ڪجھه ڏينھن اڳ بيان جاري ڪيو ھو تھ چونڊون 15 کان 25 جنوري جي وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهن. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ئي آهي. ڪو به ادارو ھن تي ڪنھن بھ قسم جو دٻاءُ نٿو وجهي سگهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل تازي پڌارئي سان ڪافي حد تائين ملڪ ۾ ڇانيل مايوسي واري ڪيفيت ختم ٿيڻ ۾ مدد ملندي.ڇاڪاڻ جو موجوده نگران سيٽ اپ جڙڻ بعد ان کي مليل واڌو اختيارن سان اھو امڪان ظاھر ڪيو پئي ويو تھ شايد ملڪ ۾ وقت اندر چونڊون نھ ٿين، ان ڪري ملڪ جي سياسي ماحول ۾ ھڪ بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿي ھئي.ٻئي پاسي مختلف حلقن جو اھو خيال ھو تھ آيل نگران سيٽ اپ جي شايد ڪا سياسي ايجنڊا آھن،جنھن ڪري ڪٿان بھ چونڊن  جي منعقد ٿيڻ بابت ڪا ڳالھھ سامھون نھ اچڻ ڪري ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي حالتن جي ڪري، ڪيترائي ئي خدشا پيدا ٿي رھيا ھئا.

ڪجھھ حلقن جو خيال آھي تھ سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي اچڻ سان اھو ممڪن ھو تھ چونڊن وارو معاملو ڪنھن نھ ڪنھن ڌر طرفان عدالت وٽ پيش ڪيو وڃي ھا.ان کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن ھي اعلان ڪيو آھي.

ملڪ جي سياسي معاملن تي نظر رکندڙ حلقن جو اھو خيال آھي تھ سپريم ڪورٽ ۾ نيئن چيف جسٽس جي مقرر ٿيڻ سان ملڪ ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ڪندڙ عوام جي اڪثريت کي وڏو حوصلو مليو آھي،جنھن سان اھا اميد پڻ پئدا ٿي آھي تھ، ھاڻي سپريم ڪورٽ ممڪن حد تائين آئين ۽ قانون تي عمل ڪرائيندي.ڇاڪاڻ جو نئين چيف جسٽس ملڪ جي سمورن ادارن کي اھو واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آھي تھ ھو ملڪ ۾ آئين لاڳو ڪندو ۽ ھن جنھن آئين موجب حلف کنيو آھي ان جي پاسداري ڪندو.

ملڪ ۾ مھانگائي جي طوفان عام ماڻھو جي مسئلن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري تازو ئي بجلي ۽ ٻين مسئلن تي سموري ملڪ ۾ ٿيل احتجاج مان اھو ظاھر ٿي رھيو ھو تھ عام ماڻھو گھڻو بيزار آھي.اھڙي احتجاج کي ملڪ جي سياسي سماجي حلقن ملڪ ۾ وڌندڙ سياسي غيريقيني سان ڀيٽيو ھو. اھڙي موقف جي حامي حلقن جو خيال ھو تھ ملڪ ۾ سياسي راھ سڌي نھ ھئڻ ڪري عام ماڻھو گھڻو تنگ ٿي رھيو آھي.ماڻھن کي ان حالت مان ٻاھر ڪڍڻ جو ھڪڙو ئي حل آھي تھ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائي اقتدار جون واڳون چونڊيل حڪومت حوالي ڪيون وڃن.

ھن وقت مھانگائي عروج تي ھئڻ ڪري عوام ڳڻتي ۾ ورتل آھي.جنھن ڪري مجموعي طور تي سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رھيو آھي.جنھن جو اثر زندگيءَ جي ھر شعبي تي پئجي رھيو آھي.نگران حڪومت جي فيصلن سان مھانگائي ويتر وڌي رھي آھي.ھن ئي حڪومت جي پاران پيٽرول،گئس،بجلي ۽ ٻارڻ جي ٻين اسمن جي اگھن ۾ ڪيل ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي ڪري عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ وڌيڪ پريشان ٿي ويو آھي.

اليڪشن ڪيمشن پاران عام چونڊن بابت ڪيل اعلان بعد اھو بلڪل ٿيندو تھ ملڪ ۾ جيڪا بي يقيني ھئي سا ختم ٿيندي.جيتوڻيڪ معاشي حالتون ڪي گھڻيون بھتر نھ آھن،ان ھوندي بھ سمورين ڌرين کي چونڊن واري مرحلي مان گذرڻو پوندو.جنھن جي لاءِ سياسي ڌريون پنھنجا پروگرام ۽ منشور پڻ تيار ڪنديون ۽ پنھنجي جھڙيءِ بھ ڪارڪردگيءَ آھي اھا کڻي وري عوام وٽ وينديون.ماڻھن ۾ ھڪ طرح سان وري بھ اھا اميد پئدا ٿيندي جنھن موجب اھي ووٽ ڪندا ۽ نئين حڪومت ڏانھن سفر شروع ٿيندو.

جيتوڻيڪ اھا وقت کان اڳ جي ڳالھھ ھوندي پر ان ھوندي بھ ماضي جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو تھ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي شفافيت تي ھر ڀيري  سوال اٿندو رھيو آھي،انڪري ھن ڀيري عام ماڻھو جو جيڪو موڊ ۽ مزاج آھي ان مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڌانڌلين جي صورت ۾ عوام شديد ردعمل ظاھر ڪندو.جنھن  کي روڪڻ پوءِ ڪنھن جي وس جي ڳالهھ نھ رھندي.

اليڪشن ڪمشن توڻي نگران حڪومت جو اھو امتحان ھوندو تھ ھن جديد دور ۾ چونڊون شفاف ڪئين ڪرايون وڃن.ڇاڪاڻ جو ھي ھڪ نئون ماحول آھي ڪنھن جي بھ ڪا ڳالھھ ڪٿي گھڻو وقت لڪي نٿي رھي، ان ڪري لاڳاپيل اختيارن جو وڏو بار ھي آھي تھ اھي چونڊون شفاف ڪرائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.