عزيز ڪنگراڻي جي ڪتاب ” اَ گِلمپس اِن ٽُو ھِسٽري آف سنڌ “ جو مختصر اڀياس

تحرير: اڀياس ڪار امين جويو

عزيز ڪنگراڻي جو انگريزي ٻولي ۾ لکيل ھي ڪتاب ” اِنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو“پاران سال 2019ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ليکڪ پنھنجي ھن ڪتاب جي ارپنا ھنن لفظن سان ڪئي آھي؛” This Contribution is dedicated to Nani Gopal Majumdar , who explored ancient Sindh “ ھن ڪتاب ۾ ” پبلشر نوٽ“ جي عُنوان واري ڀاڱي ۾ ، سنڌ الاجي جو تڏھوڪو ڊائريڪٽر ، اسحاق سميجو لکي ٿو ته ” سنڌ جي نالي واري محقق عزيز ڪنگراڻي ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي تواريخ ، آرٽ ، مذھبن ۽ قديم آثارن بابت زخيم مواد ڏنو آھي، ان کان سواءِ ھن ڪتاب ۾ اوھان کي سياحت ، صوفي ازم ۽ قدرتي معدنيات جي ڄاڻ جا اولڙا پڻ ملندا. مون کي پوري پڪ آھي ته ھي ڪتاب سنڌ جي اڀياس ۽ ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ نوجوان محققن کي سنڌ جي ڳُوڙھي اڀياس ڪرڻ جا نوان دَڳَ ڏسيندو“.

ھن ڪتاب جي ” بيڪ ٽائيٽل“ تي خالد آزاد وگھيو پاران ليکڪ جو مڪمل پروفائيل لکيل آھي، جيڪو عزيز ڪنگراڻي جي شخصيت ۽ ڪم جو وِچور پيش ڪري ٿو.

ھن ڪتاب ۾ ڪُلُ ايڪويھه مضمون لکيل آھن ، جن جا نمبروار عُنوان ڪجھه ھن ريت آھن:

قديم انسانن جا فَن/ ھُنرَ ، ڀِتين ۽ پَھڻن تي اُڪَرَ ، رني ڪوٽ وارو قلعو ۽ ان جي قدامت ، سنڌ ۾ ٻُڌڪا ٺلھَ ، سنڌ ۾ زرتشتي آثار ، سنڌ ۾ حُر ڪيمپون ، سنڌ ۾ بلاولي تحريڪَ ، نيرون ڊِويزن ( پرڳڻو ) ۽ ڪوٽ ، گورک جبل ؛ سنڌ جو تواريخي ۽ تفريحي ماڳ ، سنڌ جي تواريخ صحيح ڏسَ ۾ ، ڳاھا ؛ دولھ درياھ خان جو ھڪ ڳوٺ ، جوھيءَ ۾ شِو مندر ، مانجھند ۾ گوبِند رام جي درٻار ، ڪائي ۽ نئينگ شريف واريون قديم ماٿريون ، قلندر جي زندگي ۽ سنڌ ، خدا آباد ثاني ۽ ڪلھوڙن جي حڪومتي دور جو ٽيون تخت گاھ ، طاقتور نئن گاج ، اين .جِي مجومدار ؛ قديم سنڌ جو ھڪ ڳولائو ، دادو ضلعي جا قديم ۽ تواريخي خزانا، منڇر ڍنڍ، ڪلھوڙا حُڪومتي دور جو تخت گاھ خُدا آباد پھريون .

مٿي بيان ٿيل سڀني عُنوانن کان سواءِ ھن ڪتاب ۾ ڪاڇي جي ٻين قديم آثارن ، واھڻن ، وسندين ، نئنِ ، دڙن ، ٻُڌڪن ٺلھن ، قديم اُڪرَ ٿيل ماڳن مڪانن ۽ چِٽسالي ٿيل اڏاوتن جو ذڪر وڏي تفصيل سان ٿيل آھي.

ھن ڪتاب ۾ ڏنل ڪجھه مواد کي ڇڏي ، باقي سمورو مواد: ” ڪاڇو ھڪ اڀياس “ ڪتاب جو ترجمو لڳي ٿو ، جنھن ۾ ليکڪ رڳو ڪجھه سڌارا ۽ واڌارا ڪيا آھن ، باقي گھڻي ڀاڱي مواد ساڳيو ئي آھي. بھرحال اھا منھنجي راءِ آھي ، جنھن ۾ ظاھر آھي ، آئون غلط به ٿي سگھان ٿو.

ھن ڪتاب جي ٻي خاص ڳالھه اھا آھي ته ھن ۾ قديم ماڳن مڪانن ، قديم اُڪرَ ، ٻُڌڪن ٺُلھن ۽ قديم ۽ ناياب چِٽساليءَ جون رنگين تصويرون ڏنل آھن ، جيڪي ڏسندڙن جو ڌيان ضرور ڇڪائينديون.

ھڪ سئو پنجھتر صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم آثارن ، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن ، پٿرن تي ٿيل اُڪر ، قديم اڏاوتن ۾ ٿيل خوبصورت چِٽسالي ۽ سنڌ جي تواريخ بابت ڄاڻ ونڊيل آھي. مٿي بيان ڪيل موضوعن ۾ شوق رکندڙ ماڻھن ، شاگردن ۽ محققن لاءِ ، ھي ڪتاب بُنيادي ڄاڻ جو ذريعو آھي. ھن ڪتاب منجھان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ھن کي مڪمل پڙھڻ گھرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.