اھڙي ترقي قبول ڪجي جنھن ۾ تاريخ کي ديوار سان لڳايو وڃي

تحرير: ڪامريڊ راجا سوڻيکي

اسان ماروئڙن تي هر ماڻھو پاڻ کي طاقتور سمجھندي پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪري ٿو ڪجهھ ڏينھن اڳ نگران وزير معدنيات چئي چڪو آهي ته اسين ڪارونجھر مان گرينائيٽ ڪڍڻ چاھيون ٿا جيڪي مخالفت ڪن ٿا اھي ترقي جا دشمن آھن ٿورو ئي اڳ سنڌ جي ڳاٽ هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ ڪارونجھر جبل جي نيلامي جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو ان ئي وقت سنڌ جي شعور، سنڌ دوست ڌرين مذمت جي ميدان ۾ پاڻ ملھائيندي سرڪار جي اھڙي فيصلي کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو لکين سالن کان موجود ٿر جي سڃاڻپ ڪارونجھر جبل سان محبت جو اظھار ڪيو ۽ دنيا کي اھو واضح پيغام ڏنو ته اسان جي لاءِ ڌرتي تي موجود تاريخي ورثا مقدس ترين آھن اسين انھن جو سودو ڪڏھن به قبول ڪونه ڪنداسين ڪارونجھر جبل اسان سنڌين جو ڳاٽ آهي ڪارونجھر اسان ٿرين جي سڃاڻپ آهي ڪارونجھر اسان جو تاريخي ورثو آهي جنھن سان ٿرپارڪر جو ٻچو ٻچو پيار ڪري ٿو ڪارونجھر ننگر شھر جو سُھاڳ آهي هن ڪارونجھر کي رڳو پٿرن جو ڍير سمجھندڙ انھن تاريخ کي تڪيندڙن کي ڪھڙي خبر ته هن ڪارونجھر تي ننگر جي بھادر سپاھي روپلو ڪولھي پنھنجي زندگي قربان ڪري تاڪائو انگريزن کي حب الوطني جو ثبوت ڏنو پنھنجو سر ڪٽائي ڇڏيائون پر انھن انگريزن جي هٿيارن اڳيان اٽل ٿي کڙو رھيو  انگريز گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيا  خالي هٿين موٽي ويا پر انھن انگريزن تي پوري سنڌ ۽ سندس تاريخ اڄ به لعنت ڪري ٿي انھن تاريخ جي دشمنن کي اھا به خبر ڪونه ھوندي ڪن راجپوتن هن جبل جي بدران ملندڙ جاگيرون ٺڪرائي ڇڏيون هيون پر پنھنجي ڌرتي جي رکوالِي ۽ راجپوتي اصولن کي ڪونه ٺڪرايو تاريخ ۾ اڄ به انھن کي سنھري اکرن ۾ لکيو وڃي پيو ننگر جا ڪولھي چون ٿا ته ڪارونجھر اسان جو ابو آهي جيڪڏھن اسان کان ڪارونجھر کسجي ويو ته اسين يتيم ٿي وينداسين ڪارونجھر جا ٽڪرا ڪيا ويا ته ننگر شھر ڏھاڳڻ عورت جيئان ٿي پوندو رڳو ايترو ئي نه پر ڪارونجھر تي پري پري کان ايندڙ سياح چوڙئي مندر ۾ پوڄا ڪن ٿا ڪيئي خوبصورت هٿ ايشور در پرارٿنا جي لاءِ کڄن ٿا ڪارونجھر کان سواءِ هنن مندرن جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويندا مندرن ۾ پيل مورتيون سنک جي سندر آواز کي ٻڌڻ لاءِ سِڪي وينديون رڳو مندر ئي نه پر اسان جا اندر ئي ويران ٿي ويندا اسين اڌ چريا ٿي پونداسين جيڪو مور چُڳو چُڳي اچي ڪارونجھر جي چوٽي تي ويھي پنھنجي ٽھوڪن سان هن مھان پربت کي ڀيٽا ڏئي ٿو اھڙا منظر ڏسڻ سان اسان جي دلين ۾ سرڳ جا سپنا نڪريو وڃن ٿا.

ڪارونجھر ويرين جي ور چڙھي ويو ته اسان جي وڏي روپلي ڪولھي جي قرباني اجائي ٿي پوندي تاريخ جا سمورا اکر جيڪي روپلي ۽ ڪارونجھر جي رشتي تي لکيا ويا هجن اھي اکر بي معني ٿي پوندا ڪارونجھر سان ٿر جو حُسن متاثر ٿي پوندو ڪارونجھر جي ويجھڙائي وارا کوھ جيڪي پلر جھڙو پاڻي ڏين ٿا سي کارا زھر ٿي پوندا آس پاس جا وڻ به سُڪي ختم ٿي ويندا پر پاپين کي ڪير ٻڌائي ته اوھان ايڏو پاپ ڪري رھيا آھيو اسان جي معصوم ۽ اٻوجھه احساسن کي اڏي تي رکي پنھنجي طاقت جي ڪات سان ٽڪرا ڪري رھيا آھيو اسان چئون ٿا ته اوھان کي بُک آهي ته ڪارونجھر جو ناڻو ڪري ڏيو اسين پنھنجي عظيم وجود کي بچائڻ لاءِ ٻارن سوڌا سامي ٿي جھوليون کڻي بکيا پِني اوھان جا وڏا وات ڀري ڇڏينداسين پر ڪارونجھر کي تڪڻ سان اسان کي ايڏي ڪاوڙ اچي ته ڄڻ توھان جبل نه پر اسان جا ننگ تڪيا آھن ڪارونجھر کسجي ويو ته اھي فطرتي نظارا اُجڙي ويندا هتي رھندڙ ڍور، ٻڪريون ۽ ٿرين جو سمورو مال ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو ڀاڳين جا وٿاڻ ويران ٿي پوندا وسڪارا اسان کان رُسي الوداع ڪري هليا ويندا هتي ڏڪارن ۾ اسان جا واري جا کيت ويران ٿي پوندا اھي ڏڪارن ۾ مال مرڻ کان پوءِ پکي به پنھنجي وطن سان پريت نڀائيندي سڃي صحرا ۾ اڃ مرڻ تي مجبور ٿيندا ترايون سُڪي وينديون ڪيئي حسينائون خالي گھاگر ڪڇ تي کڻي سُڏڪي گھرن جو رُک ڪنديون سچ پڇو اھو منظر ڏاڍو اذيت ناڪ هوندو اسان جا اباڻا کيت جن ۾ اسان ھِرس سان کِلندي لوڪ گيت همرچا ڳايا هوندا ڪامبا ٻڌي ٻاجھر جا چاندي جھڙا سنڱ لڻيا هوندا اھي کيت ھمرچي جي لولين لاءِ تا قيامت منتظر رھندا اھي ڀٽون جن تي اوٺاري وڳ وٺي گِھنڊين جي گونج سان وڙڪائيندا آھن اھي ڀٽون به انھن بانسرين جي من موھيندڙ سُرن لاءِ سِڪنديون جيڪي سُر ڌنار ڌڻ چاريندي وکيرين ٿا اسين ڪونه ٿا چئون ته اسان کي ننگر پارڪر ۾ تاج محل اَڏائي ڏيو پر اھو ضرور چئون ٿا ته اسين ڪکن جي ٺھيل چنئورن ۾ ئي خوش آھيون اسين بکن جا ڏاڍا ٿي ويا آھيون اسان کي هاڻ ته بکون به ماري ڪونه ٿيون  سگھن پر ڪارونجھر جو وڇوڙو ماري ڇڏيندو ڪارونجھر کان سواءِ ٿر جا لوڪ گيت اڌورا ٿي ويندا اسان بدنصيب زنده به رھياسين ته جڏھن به اسان ٿر جي ليجينڊ شاعر بلاول اوٺي جي شاعري ۾ ننگر جي ڪوئل مرحومه فوزيه سومرو جو ڳايل هي گيت (ڪارونجھر تي آء آئون اڪيلي آھيان، رات آ، تات آ، ڏات آ) ٻڌو يا ٿر جي ڳائڪ ڪريم فقير جو هي مارواڙي گيت (چڙهي ڪارونجھر ڪور، ميٺو ٻولي مور) ٻڌو ته اسان جي پيرن مان زمين نڪري ويندي اسين اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪري ڏينداسين اکين جا بند ٽٽي پوندا جيڪڏھن ٿر تي مينھن وٺا ته اھي اسان جي لُڙڪن جا مينھن وسندا اسين اوھان کي ايئن به ڪونه ٿا چئون ته اسان کي ڪشمير يا دنيا جي خوبصورت نظارن جا سرڪاري خرچ تي منظر ڏيکاريو جيڪڏھن چونداسين ته وري به ايترو ئي چونداسين ته اسين پنھنجي موجود حالتن ۾ ٺيڪ آھيون نه به هونداسين ته ٺھيو، اسان کي لگزري گاڏيون نه مليون ته اسين پيرين پيادو پنڌ ڪرڻ ڄاڻون ٿا ڪارونجھر اسان جو آھي اسين ھيڻا آھيون اوھين ڏاڍا آھيو ان ڪري اسين پنھنجي ئي شئي جي دفاع خاطر اوھان اڳيان نظرون پر تي ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا ڪارونجھر کي هزارين ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي جيڪڏھن ڪارونجھر اسان کان اوھين ڏنڊي جي زور تي ڦُري ويا ته انھن شاعرن جن ڪارونجھر کي خوبصورت نظمن، غزلن، ۽ گيتن ۾ لکيو آهي انھن فخر سان اھي شاعريون لکيون هونديون پر هاڻي انھن جي قيمتي نازڪ احساسن کي گھرا زخم ڏنا ويندا سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ جو ڪجھه حصو ڪارونجھر هوندو اھا تاريخ به اڻپوري ٿي پوندي تاريخدان ۽ ليکڪ پنھنجي عظيم ورثن کي لکي قوم ۽ ايندڙ نسل کي ڏيندا آھن ته اھي اھڙن قديمي وجودن بابت ڄاڻ رکن پر جڏھن وجود ئي کسجي ويندا ته اھڙي تاريخ ئي بي مقصد ٿي پوندي رڳو راءِ چند راٺوڙ جو لکيل ڪتاب (تاريخِ ريگستان) به زخمي ڪونه ٿيندو پر منگھارام اوجھا جو لکيل ڪتاب پراڻو پارڪر به اڌو اڌ نِڪَمو ٿي ويندو اسين اوھان کي اھو به ڪونه ٿا چئون ته اسان کي چنڊ تي وٺي هلو پر ايترو هر بار چونداسين ته اسان کي رڳو اسان جو ڏوھ ٻڌايو ته ڪھڙي ڏوھ جي بدلي اوھين اسان ماروئڙن کان وقت جا بادشاھ ٿي ايڏي وڏي ويساگھاتي ڪريو ٿا.

اسين هر روز پنھنجي ان عظيم پربت جي نيلامي جو ٻڌي پريشان ٿيون ٿا جو اسان کان کائڻ پيئڻ به وسري وڃي ٿو جنھن پربت تي اسان هندوئن جا آستان موجود آهن هِن ئي پربت تي اسان جي رِشيَن مُنيَن جا پويتر پير آھن هن پربت تي ڪيئي سنتن دنياوي ماڻھن کان الڳ ٿي ھون يگيه ڪري پنھنجي پرماتما کي پراپت ڪيو سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته (انڌَي اڳيان روئڻ، نور جو زيان آهي) ان ڪري اسين هاڻ اوھان اڳيان روئي روئي ٿڪجي پيا آھيون هاڻي ڪونه روئبو پر ساھ جي آخري سڳي تائين مھاڏو اٽڪائبو اوھان هر نئين محاذ تي اسان کي نشانو بڻايو آهي پر سنڌ جي شعور کي پھرين اڻ مڪمل ڪاميابي کان پوءِ ٻيھر پوري طرح مڪمل ڪاميابي لاءِ روڊن رستن تي نڪري اچڻو پوندو حڪومت جي رھيل ڪمن جي نگراني ڪندڙن کي به اُھڙو ئي منھن ٽوڙ جواب ڏيئي پنھنجي وطن جي تاريخ ۽ قديمي ماڳ جي وجود خاطر رات ڏينھن هڪ ڪري تاريخ دشمنن کي ماڳن سان محبت جو ثبوت ڏئي انھن جي بيھودا ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ تائين جدوجھد جاري رکي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياريو نه ته اقتداري ڌرين کي روانو ڪيو ته وري بندوقن وارا هٿيارن جا منھن هٿين خالي ماروئڙن ڏانھن ڪري بيھي رھندا اھڙي صورتحال ۾ دانھن ڪرڻ به غداري چئبي ان کان پھرين ئي اھو قدم کڻي وفاداري ڪريون هي وطن پنھنجو آهي هن تي ڏنڊي جي زور تي قبضو ڪندڙن کي ڪھڙي خبر ته وطن وڪرو ناھن ٿيندا وطن وڪرو ڪرڻ سان ملندڙ ترقي ڪنھن جي ڪم جي ايندي جيڪڏھن پاڻ خاموش رھياسين ته هي واپاري پنھنجي جسمن جو وڪرو ڪندي دير به ڪونه ڪندا ان ڪري پاڻ کي اڻکٽ جدوجھد جي ضرورت آهي سموري سنڌ جي شعور کي تاريخ ۽ ٿرين جي جياپي جي پرامن جدوجھد ۾ حصو وٺي مطالبا مڃرائڻ جي سخت کان سخت ضرورت آهي ايئن ڪري پاڻ ماروي جي ديس کي اُجاڙ کان بچائي سگھنداسين پاڻ خوش نصيب آھيون جو پنھنجي ڌرتي امڙ جي هنج ۾ اربين ڊالرن جا معدني وسيلا موجود آهن سنڌ اھا ڌرتي آهي جنھن جي صديون پراڻي تاريخ اڄ به موجود آهي پر هي حڪومتون پاڻ کان قدرتي وسيلا کسي تاريخ کي ديوار سان لڳائيندي پاڻ کي ترقي جا ڪوڙا خواب ڏيکاري رھيا آھن ڇا پاڻ اھڙي قسم جي ترقي قبول ڪنداسين جنھن ۾ تاريخ کي ديوار سان لڳايو وڃي؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.