پاڪستان جي پنجن طاقتور ترين ماڻهن گڏجي ڪري سپريم ڪورٽ جي ھڪ جج کي عبرت جو مثال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
پنجن مان چار صاحب پنهنجي عهدن تان فارغ ٿي چڪا آھن. هڪ ھن ملڪ جو صدر باقي بچيو آهي. جنهن 17 سيپٽمبر تي ان ئي جج کان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻايو، جنهن خلاف ساڳئي صدر 2019ع ۾ نااهلي جو ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏانهن موڪليو هو.
ان ريفرنس جي سازش ۾ ملوث وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هو هن وقت اٽڪ جيل ۾ آهي.
ان سازش جو ٻيو ڪردار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو، جنهن وزيراعظم کي ھڪ جج خلاف سازش جي حصي بڻجڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ باجوا ۽ عمران خان ۾ جهيڙو ٿي پيو.
صدر ٻنهي وچ ۾ ويڙهه ختم ڪرائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو، جنرل باجوا به رٽائر ٿي ويو.جنھن ڊي جي، آءِ ايس آءِ ، جج جي زال جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ ميڊيا کي جج جي ڪردار ڪشي لاءِ استعمال ڪيو،اھو سمجھي رھيو ھو تھ ھو ، ايندڙ ٽيھن سالن تائين ھن جو پاڪستان جي رياست تي قبضو قائم رھندو. پر هو به پنهنجي عهدي تان فارغ ٿي ويو.
بدقسمتي سان هڪ نه پر ٻه چيف جسٽس ان سازش ۾ ملوث رھيا. پهرين جسٽس گلزار احمد ۽ پوءِ جسٽس عمر عطا بنديال،اھي ٻئي به رٽائر ٿي ويا ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان بڻجي ويو.
قاضي صاحب جو چيف جسٽس ٿيڻ ڪو معمولي واقعو ناهي. جيڪي ماڻھو پاڪستان جي مستقبل کان مايوس آھن.انھن جي لاءِ قاضي فائز عيسيٰ انهن لاءِ اونداهي ۾ اميد جي هڪ ڪرڻو آهي.
مان بلوچستان جي هڪ ذهين شاگرد اسرار خان کي سڃاڻان ٿو، جيڪو برطانيه جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.اھو قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس ٿيڻ تي ايترو ته خوش ٿيو جو سندس حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي خرچ تي اسلام آباد پهتو. 18 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي فل بينچ جي ڪارروائي ٽي وي تي لائيو نشر ٿي. اسرار خان سڄو ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ موجود رهيو ۽ ڪارروائي ٻڌندو رهيو، مون ساڻس ملاقات به ڪئي.
اسرار خان جي گفتگو مان اندازو لڳايو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کيس پاڪستان واپس ڇڪي رهيو آهي. نئين چيف جسٽس جو اھو پيغام سڀني تائين پهچي ويو آهي ته هو الله کان پوءِ رڳو پاڪستان جي آئين جي تابع آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪڏهن نئون چيف جسٽس پنهنجي دعويٰ تي قائم رهيو ۽ ھن آئين تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش جاري رکي ته نه رڳو اسرار خان پر پاڪستان جا ڪيترائي نوجوان ساڻس گڏ بيٺا هوندا.
اڄ پاڪستان جي سلامتي جو سڀ کان وڏي گھرج آئين جي بالادستي آهي. قاضي فائز عيسيٰ ڪنهن سياسي جماعت يا وڪيلن جي ڪنهن گروپ جي ڪري چيف جسٽس نه بڻيو آھي پر هو صرف پاڪستان جي آئين جي ڪري چيف جسٽس ٿيو آھي.
خيبرپختونخواهه جي هڪ نوجوان عمر خٽڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڪجهه تحقيق ڪئي آهي ۽ مون کي قاضيءَ بابت لکيل منھنجا ڪالم موڪليا آهن، جيڪي گذريل ستن سالن دوران روزاني جنگ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
ست سال اڳ 19 ڊسمبر 2016ع تي شايع ٿيل ڪالم جو عنوان هو ”مهرباني جسٽس قاضي فائز عيسيٰ“، مان اھو ڪالم وسري ويو ھوس. هي ڪالم 17 ڊسمبر 2016 تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف وزير اعظم نواز شريف جي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي پريس ڪانفرنس جو جواب هو.
ان پريس ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت جي گهرو وزير ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي انڪوائري ڪندڙ ڪميشن جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ذاتي حملا ڪيا، ڇاڪاڻ ته رپورٽ ۾ گهرو وزير جا ڪجهه پابندي مڙهيل تنظيمن جي قيادت سان لاڳاپن جي نشاندھي ڪئي وئي ھئي. ڪميشن گهرو وزير کي لکت ۾ سوال موڪليا ۽ گهرو وزير لکت ۾ جواب ڏنا، جيڪي رپورٽ ۾ شامل هئا، پر گهرو وزير اهو خيال نھ ڪيو تھ ھڪ جج بم ڌماڪن ۾ شھيد ٿيندڙ 70 ماڻهن جي وارثن کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مھينن کان بھ گھٽ وقت ۾انڪوائري مڪمل ڪري ۽ رپورٽ جو اردو ترجمو پڻ جاري ڪري ڇڏيو.
گهرو وزير پنهنجو دفاع ڪندي سپريم ڪورٽ کي مذاق قرار ڏنو. منهنجي هن ڪالم تي چوڌري نثار علي خان ناراض ٿيو ۽ اڃا تائين ناراض آهي.
2016ع ۾ مسلم ليگ ن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان ناراض ٿي وئي هئي. 2019ع ۾ جڏهن هن جج فيض آباد ڌرڻو ڪيس جو فيصلو لکيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ناراض ٿي وئي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته 2016 ۾ سندس انڪوائري رپورٽ جماعت الاحرار خلاف هئي، جيڪا ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ ملوث هئي. 2019ع ۾ سندس فيصلو تحريڪ لبيڪ خلاف هو، جنهن فيض آباد چوڪ راولپنڊي ۾،ناموس رسالت جي نالي تي ڌرڻوھڻي ھنگامو ڪيو ۽ اعتراض جوڳون تقريرون ڪيون.
ٻئي ڀيري طاقتور رياستي ادارا به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان ناراض ٿي ويا. 15 اپريل 2019ع تي ”شهيدن سان غداري“ جي عنوان واري ڪالم ۾ مون لکيو هو ته ”خدا جي واسطي، قاضي فائز عيسيٰ جهڙن ججن کي تڪراري بڻائڻ بدران انهن جي لکيل فيصلن تي عملدرآمد ڪريو ۽ انهن شهيدن سان غداري نه ڪريو، جن کي قاضي فائز عيسيٰ انصاف.ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي “
اهو ڪالم شايع ٿيڻ کانپوءِ ھڪ ملاقات ۾، وزيراعظم عمران خان مون کي چيو ته هو قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي هن ريفرنس داخل ڪرايو. 14 جون 2019ع تي هي ريفرنس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو.
جنھن تي 11 جون 2019ع تي ” رسوائين کان ڊڄان ٿو“ واري عنوان ۾ مون ،عمران خان کي ياد ڏياريو ھو ته ،توهان مون کي چيو هو ته توهان کي ججن سان وڙهڻ جو وقت ئي ناهي. ڇو ته توهان کي معيشت کي سنڀالڻو آھي.تھ پوءِ ھي ريفرنس ڪٿان اچي ويو؟
ڪالم جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي هئي ”هڪ ڀيرو وري ڪي ماڻهو کٽي ڪري بھ ھارائي ويندا ۽ ڪي ھيڻا ماڻهو هارائي ڪري بھ کٽي ويندا“. ڪجهه ماڻهن جو انجام ديوار تي لکيو پيو آهي پر انهن کي ديوار تي لکيل نظر نٿو اچي“.
قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خلاف ريفرنس کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو. ان ڪيس جي ٻڌڻي ھر ڀيري ويجهي کان ڏسڻ کان پوءِ مون 24 فيبروري 2020ع تي ”وري اهي ئي پراڻيون غلطيون“ جي عنوان سان ڪالم لکيو.جنھن ۾ لکيو ته هي ڪيس ته قاضي صاحب کٽي چڪو آهي، پر عمران خان جي حڪومت ان لاءِ جيڪو کڏو کوٽيو ان ۾ اھو پاڻ ئي ڪرڻ وارو آھي.
اڄ قاضي صاحب چيف جسٽس ٿي ويو آهي ۽ خان صاحب جيل پهچي ويو آهي. اميد آهي ته نئون چيف جسٽس ڪنهن فرد يا پارٽي کان انتقام وٺڻ بدران پنهنجو ڪيس الله تي ڇڏي ڏيندو.
نئين چيف جسٽس کي پنهنجي حلف جي پاسداري ڪرڻي پوندي. هن کي پاڪستان جي آئين جو تحفظ به ڪرڻو آهي ۽ ان تي عمل به ڪرائڻو آهي. جيڪي ماڻھو پنھنجي حلف جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن انهن کي روڪڻو آھي.
جيڪڏهن هن آئين موجب وقت تي صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي راهه هموار ڪري ته هو ڪنهن هڪ پارٽي جو نه پر پوري پاڪستاني قوم جو نئون هيرو بڻجي اڀرندو.