ڪوٽڙي جي سچل سرمست ڪالوني ۾ چار ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
نوجوان ولي محمد ڪٽپر هٿياربندن جون گوليون لڳڻ سبب مرڻيڪ ٿي پيو هو جنهن اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو آهي.
مقتول نوجوان جي پيءُ علي اڪبر ڪٽپر جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ فرياد پاران ڄاڻايو ويو آهي ته منهنجي نوجوان پٽ کي اڻڄاتل هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ڪيو جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.