پنوعاقل: عوامي آواز جي رپورٽر تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا

پنو عاقل پوليس ۾ عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار وڏيري ۽ سندس ساٿين خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

سپيڪو طرفان بجلي چورن خلاف آپريشن جي ڪوريج لاءِ ڳوٺ در محمد ٿھيم ۾ ويل عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ ۽ سندس ڪيمرامين کي جوابدار وڏيري  پنهنجي اوطاق تي مبينا يرغمال بڻائي تشدد ۽ تذليل واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس بااثر وڏيري کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

صحافين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر وڏيري ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.