ايران ائٽمي ھٿيار حاصل ڪندو ته اسان به ڪنداسين: سعودي عرب

سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ به اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ طرف وڌي رهيو آهي. ان دوران ايران سعودي عرب تي الزام لڳايو آهي ته هو فلسطينين سان خيانت ڪري رهيو آهي.

سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان تازو پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن سندس حريف ايران، ايٽمي هٿيار حاصل ڪري ٿو ته پوءِ سعودي عرب کي به ايٽمي طاقت بڻجڻو پوندو.

آمريڪي نشرياتي اداري فاڪس نيوز، محمد بن سلمان کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي ٿو ته سندس ملڪ جو ردعمل ڇا هوندو؟ ان تي هن چيو ته ”جيڪڏهن اهي (ايران) ڪندو ته اسان به حاصل ڪنداسين.شهزادي محمد بن سلمان موجب سندس ملڪ ٻين نار ملڪن وانگر اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. ساڳئي وقت ھن جو اھو بھ چوڻ ھو تھ  سعودي بادشاهت فلسطين جي حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ پيش رفت جو خواهشمند آهي، ايتري قدر جو وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ڏاهپ واري حڪومت به والاريل اولهه ڪناري ۾ تڪراري آبادين جي تعمير جو سلسلو جاري رکيو آهي.هن چيو ته فلسطين جو مسئلو اسان لاءِ تمام اهم آھي. اسان کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ياد رهي ته اسرائيل وچ اوڀر جي پنجن عرب ملڪن سان لاڳاپا معمول تي آڻي چڪو آهي، پر سعودي عرب جي اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ واري قدم کي وچ اوڀر جي سفارتڪاري ۾ تاريخي قدم طور ڏٺو پيو وڃي.

محمد بن سلمان انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته اسان هڪ اهڙي جاءِ تي پهچنداسين، جيڪا فلسطينين جي زندگين کي آسان بڻائي ڇڏيندي ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيل کي به هڪ ڪردار ملندو.

ھوڏانھن ايراني صدر ابراهيم رئيسي هڪ  بيان ۾ سعودي عرب تي الزام لڳايو ته هو اسرائيل ۽ فلسطينين سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو عمل غداري آهي.نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي حڪومت ۽ خطي جي ڪنهن به ملڪ وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جو مقصد اسرائيلي حڪومت کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي تھ پوءِ يقيناً اهو نه ٿيندو.

ھن جوچوڻ ھو تھ، اسان سمجهون ٿا ته علائقائي ملڪن ۽ اسرائيلي حڪومت جي وچ ۾ معمول جا لاڳاپا فلسطيني عوام ۽ فلسطيني مزاحمت جي پٺيءَ ۾ ڇري ھڻڻ  برابر هوندا.

ياد رهي ته سعودي عرب ۽ اسرائيل ٻنهي جا ايران سان دشمني وارا لاڳاپا رھيا آهن،جڏهن ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ رياض چين جي وچ ۾ ڳالهين ذريعي تهران سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه اهم قدم کنيا آهن.

اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. جنهن کانپوءِ محمد بن سلمان جو انٽرويو نشر ٿيو. ان موقعي تي آمريڪي صدر جو بائيڊن طنزيه انداز ۾ چيو ته هو به سعودي عرب سان معاهدي لاءِ پراميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.