خبرون خيرن جون

تحرير: غلام حسين لغاري

خبرون خير جون ووٽ ڪو عزت دو نعري کي پنهنجي سياست جو حصو بنائيندڙ ن ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف وطن واپسي جو پڪو پهه ڪيو آهي، جنهن مان اشارا ملن ٿا ته کيس وطن واپسي جي سئو سيڪڙو ضمانت يعني ڪليئرنس ملي چڪي آهي ۽ طاقتور ڌرين سان سندس سمورا مسئلا طئي ٿي چڪا آهن. اهوئي سبب آهي جو هن واپسي تي جيل وڃڻ بدران سڌو مينار پاڪستان پهچي هڪ تاريخي جلسي کي خطاب ڪري پنهنجي آئنده سياسي لائحه عمل  جو اعلان ڪندو ڪارڪنن ۽ کيس ڪليئرنس ڏيندڙن ڌرين کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ پنهنجو نئون چونڊ منشور ڏيندو ته جيئن هو ايندڙ چونڊن ۾ عوامي پٺڀرائي حاصل ڪري سگهي۔

هن وقت ميان صاحب حد کان وڏو جذباتي ڏسڻ ۾ پيو اچي ۽ سندس اندر ۾ وڏا جذبات آهن، جن مان لڳي رهيو آهي ته هڪ ڀيرو وري هو سڌي ۽ اڻ سڌي جنرلن ۽ ججن کي پنهنجي سخت تنقيد جو نشانو بنائڻ ۽ کانئن ڪڙو حساب وٺڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن جو اظهار هن ٽيون ڏينهن لنڊن ۾ ميڊيا ۽ ڪارڪنن سان ڪري ويٺو آهي. ميان صاحب پراعتماد نموني کلي عام چيو آهي ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي سازش تحت سزائون ڏئي نااهل ڪري ملڪ دربدر ڪيو ۽ ملڪ کي اونداهي طرف ڌڪيو جنهن سان عوام ۾ بيچيني ۽ مايوسي پئدا ٿي ملڪ جي ترقي متاثر ٿي ۽ مهانگائي ڪر کنيو ۽ جيڪڏهن پي ڊي ايم نه هجي ها ته پئٽرول هن وقت في لٽر هزار کان مٿي هجي ها۔ميان صاحب  اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا،فيض حميد، اڳوڻن چيف جسٽسن چوڌري افتخار،جسٽس آصف سعيد کوسي ۽ ٻين تي به سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ ساڻس ٿيل زيادتين جو کين ذميوار قرار ڏنو آهي جن مختلف من گهڙت الزامن تحت کيس سزائون ڏنيون نااهل ڪيو هو جيل ويو ۽ ملڪ بدر ٿيو۔

ن ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف جو اهو بيان داٻو آهي يا حقيقت .بهرحال خبر تڏهن ئي پوندي جڏهن پاڻ خيريت سان واپس اچي ۽ مينار پاڪستان آڏو بيهي ساڻس ٿيل زيادتين جو وچور بيان ڪندو.پاڪستان جو عوام سندس واپسي جو منتظر آهي ته ملڪ جون عدالتون آئين ۽ قانون تي هلندي ساڻس ڪهڙو برتاءُ ٿيون ڪن ۽ کيس رليف ٿيون ڏين يا هو واپسي تي ڪجهه ڏهاڙا سلاخن پويان رهندو.پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو به ٽيون ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندن مطالبو هو ته ميان صاحب واپس وطن اچي پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏئي سندس واپسي تي سندس استقبال ڪنداسين.هن اهو به چيو آهي ته ليول پلئنگ فيلڊ واري شڪايت ن ليگ سان هئي نه ڪنهن ٻي ڌر يا طاقت لاءِ. هن چيو ته ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته سموريون پارٽيون گڏجي چونڊن جو مطالبو ڪن ها پر ايئن نه ٿيو.هن فوري چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.بلاول جي اهڙي بيان پ پ پ ۽ ن ليگ ۾ تلخين طرف اشارو ڪري ڇڏيو آهي.ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن به پ پ پ خلاف ڳرا بيان ڏنا آهن بعد ۾ معافي ورتي آهي جن ۾ ن ليگ اڳواڻن چيو هو ته ڀٽو هاڻ مري چڪو آهي.

ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ڪٿي ٿي دنگ ڪري في الحال ته سياسي دنگل جو آغاز ٿي چڪو آهي جنهن ۾ پي ڊي ايم جون پارٽيون اختلافن ۽ ڌڙابندي جو شڪار ٿي چڪيون آهن.مولانا فضل الرحمان به صاف چئي ڇڏيو آهي ته جي يو آءِ سنڌ ۾ متحده ۽ جي ڊي اي سان ته اتحاد ڪري سگهي ٿي پر پ پ پ سان ڪڏهن به ڪونه ڪندي.مولانا جي هن بيان مان صاف ظاهر آهي ته مولانا ن ليگ سان اتحاد جو حصو رهندو ۽ مولانا سنڌ ۾ ن ليگ جي وجود لاءِ نيون راهون کولڻ لاءِ سرگرم آهي.جيڪڏهن ليول پلئنگ فيلڊ واري راند ڪامياب وڃي ٿي ته سنڌ ۾ پ پ پ لاءِ ڪجهه ڏکايون وڌنديون ۽ ٿي سگهي ته پ پ پ جا ڪجهه ماڻهو ن ليگ طرف وک وڌائين.هن ڏس ۾ اهي به خبرون آهن ته اڳوڻي وزيراعظم مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي جي قائم ڪيل اين پي پي ۽ انجا اڳواڻ ن ليگ طرف سجدو ڪن جن سان اندروني ڳالهيون پيون هلن.جيڪڏهن اين پي پي ن ليگ سان وڃي ملي ٿي ته سنڌ جا ڪجهه ٻيا سياستدان جن ۾ ارباب غلام رحيم ۽ بدين جو مرزا خاندان به ن ليگ جو حصو بڻجي وڃي.جڏهن چونڊن جو شيڊول پڌرو ٿيندو ته سنڌ جي سياست ۾ روح ڦوڪجڻ شروع ٿيندو.

ن ليگ جي پاڻمرادو جلا وطن ٿيل سربراهه ميان محمد نوازشريف جي وطن واپسي ۾ لڳ ڀڳ ٽي هفتا وڃي رهيا آهن جاتي عمره ۾ ميلا متل آهن.سياسي گهما گهمي جاري آهي.ايندڙ عام چونڊن جي ٽڪيٽن جي حصول لاءِ  سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا انٽرويو هلي رهيا آهن.خبرون آهن ته جيڪي جاتي عمره وڃن ٿا تن کي ميان صاحب جي استقبال ۽ مينار پاڪستان جلسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪارڪنن ۽ ماڻهن کي اتي پهچائڻ لاءِ هدايتون ڪيون ۽ بار وڌا پيا وڃن.ميان صاحب کي مليل سزائن جي خاتمي لاءِ اپيلون به تيار ٿي رهيون آهن جيڪي ڪجهه ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ۽ لاڳاپيل عدالتن ۾ نظرثاني لاءِ وڌيون وينديون پر عام خيال اهو آهي ته عدالتون ايترو جلدبازي ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کڻنديون جيڪي آئين ۽ قانون کان مٿاهان هجن.جيڪڏهن عدالتن ٿوري گهڻي ڍر ڏيکاري ۽ ميان صاحب مطئمن ٿيو ته آڪٽوبر ۾ سندس واپسي ممڪن ٿيندي نه ته ڪجهه اڻٽر سبب ڄاڻائي سندس واپسي ڪجهه وقت لاءِ موخر به ٿي سگهندي.عام چونڊن کٽڻ لاءِ ميان صاحب جي واپسي ۽ پنهنجي سر چونڊ مهم هلائڻ به سخت ضروري آهي ٻي حالت ۾ ن ليگ لاءِ اڪثريت ماڻڻ مشڪل ٿي پوندي.

ميان محمد نوازشريف لنڊن ۾ جيڪا ڪجهه اوڳر ڪڍي آهي ۽ اڳوڻن جنرلن سميت اڳوڻن ججن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي سندن خلاف ڪڙي احتساب جو اشارو ڏنو آهي، سو ٿيندي نٿو نظر اچي جو ميان صاحب اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ۽ انوقت جي ڪجهه ججن خلاف به ساڳي طرح جا بيان ڏنا هئا ۽ انهن جي ڪڙي احتساب جا فيصلا ڪيا هئا جيڪي اڌورا رهجي ويا هئا.جنرل پرويز مشرف وڏي شان شوڪت ۽ پروٽوڪول سان ايوان صدر ڇڏي وڃي ٻاهريان وڻ وسايا هئا، سواءِ سندس خلاف ڏيکاءُ وارا ڪيس هلائئڻ جي.ايتري قدر جو پرويز مشرف سندس ئي دور حڪومت ۾ علاج جي بهاني ايئن پرڏيهه هلي ويو جيئن پاڻ علاج جو بهانو بڻائي هليو ويو هو.پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ن ليگ کي ڏيڍ سال وزارت عظميٰ ملي جيڪا سندس ڀاءُ ميان شهباز شريف هلائي ان دور ۾ به جنرلن ۽ ججن کي ڪجهه نه ڪري سگهيا ته هاڻ به ڪجهه نه ٿيندو.عمران خان جي اڌ ۾ حڪومت ختم ڪرائڻ ۽ ان خلاف انتقامي ڪارروايون ته ٿيون پر پي ڊي ايم انجو ووٽ بئنڪ ختم نه ڪري سگهي يا پنهنجو ڪو اثر وڌائي سگهي آهي.جتي به ڪا ضمني چونڊ ٿئي ٿي ته پي ٽي آءِ سرخرو ٿئي پئي جيڪا ن ليگ جي ناڪامي طرف اشارو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن به جنرل جنرل جو جج جج جو ڪڙو احتساب شايد ئي ڪري.

ميان محمد نوازشريف کي سياست ورثي ۾ نه پر اها کيس به آمرن کان گفٽ طور ملي هئي جنهن کي هن ڪيش ڪرايو هو پر صحيح نموني ڪيش ڪرائي نه سگهيو ۽ پنهنجي رڳ رڳ ۾ آمرن واري ذهنيت رکندو رهيو عدالتن ۽ ججن تي حملا ۽ انهن جو گهيراءُ ٿيندو رهيو آهي جيڪو سياسي ۽ جمهوري تاريخ جو وڏو الميون چئجي.ن ليگ کي  پنجاب جي حد تائين مقبوليت ۽ شهرت ته ملي پر جمهوريت کي پروان چاڙهڻ ۾ سندس ناڪامي رهي جو هن اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سدائين طاقتورن ۽ مخصوص ججن جو پاسو ورتو ۽ وري طاقتورن ۽ ججن سان ئي مهاڏو اٽڪايو، جنهن سان کيس ته ڪجهه ملي نه سگهيو پر ملڪ معاشي توڙي سياسي طور ڪمزور رهيو.

هي ملڪ ڪنهن هڪ اڌ ڌر جو نه پر سڀني جو آهي،شريف ڀائرن جو به آهي ۽ کين ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ سياست ڪرڻ جا پورا پورا حق آهن.جيڪڏهن هو ايندڙ مهيني واپس وري ٿو ته قوم سندس ضرور استقبال ڪندي.بقول بلاول ڀٽو جي ته پ پ پ به سندس استقبال ڪندي هڪ سٺي موٽ آهي.جيڪڏهن ميان صاحب انهي ارادي سان اچي ته هو عدالتن ۾ پيش ٿيندو عدالتن کان رليف وٺندو ته  مينار پاڪستان پهچڻ بدران پهريان عدالتن ۾  پهچي جتان هن علاج بهاني لنڊن جو سفر ڪيو هو.جيل ڪاٽڻ هر سياسي اڳواڻ جي اوسر لاءِ ضروري آهي جيڪڏهن شهيد ڀٽو ڦاسي چڙهي سگهي ٿو،آصف زرداري ، بينظير ڀٽو،عمران خان جيل وڃي سگهن ٿا، جيل جون مصيبتون سهي سگهن ٿا پوءِ ميان صاحب کي اهڙيون سختيون سهڻ جو ڪهڙو ڊپ.ن ليگ کي پنهنجي سطح تي ليول پلئنگ فيلڊ واري راند ڪرڻ بدران اتحادي پارٽين سان گڏجي بنا ڪنهن وڌيڪ دير جي چونڊن جي فوري انعقاد لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪا وڌيڪ دير ٿئي ۽ ملڪ منصور ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.