ماحولياتي تبديلين سبب سنڌ جي ٻھراڙي جي ماڻھن تمام گھڻو ڀوڳيو آھي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) ساڃاهه وندن، ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تباھين کان بچڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي جي طئه ڪيل اصولن جي بنياد تي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ تي زور ڀريندي مطالبو ڪيو  آھي تھ گلوبل گرين ڪلائيمينٽ فنڊ پاران ماحولياتي تبديلين جي ڪري متاثر ٿيندڙ علائقن جي بھتري ۽ ماحولياتي اثرن کان بچاءُ جي منصوبابندي جي لاءِ پاڪستان کي ملندڙ 77 پوائنٽ 8 ملين ڊالر واري فنڊ مان سنڌ جي تباهه ٿيل ٻھراڙين جي بحالي، ٻيھر آبادڪاري ۽ ٻھراڙي جي ماڻھن جي روزگار جي لاءِ رقم جاري ڪئي وڃي، ماحولياتي تبديلين جي ايندڙ تباھين جي ڪري سنڌ جي ٻھراڙي جي ماڻھن تمام گھڻو ڀوڳيو آھي اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالهه حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي 16 ھين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سماجي تنظيم سافڪو جي باني سليمان جي ابڙو خطاب ڪندي چيو ته گلوبل گرين ڪلائمينٽ فنڊ پاران ماحولياتي تبديلين جي ڪري متاثر علائقن جي لاءِ پاڪستان کي 77 پوائنٽ 8 ملين ڊالر جو فنڊ ڏنو پيو وڃي، اسان جو مطالبو آھي ته ان فنڊ مان سنڌ جي تباهه ٿيل ٻھراڙي جي ترقي جي لاءِ منصوبا شروع ڪيا وڃن، ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تباھين جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻھراڙيون ٿين ٿيون، پر ٻھراڙين جي ترقي جي لاءِ ڪو بھ ڌيان نٿو ڏنو وڃي، ٻھراڙي جي ماڻھن کي گھر ٺھرائڻ جي لاءِ ڪو سرڪاري ادارو يا بينڪ قرض ڏيڻ جي لاءِ تيار ناھي ھوندي. نامياري شاعر نصير مرزا چيو تھ ايس سي ايف جو بنياد سنڌ جي نامياري شاعر سوز ھالائي جي گھر ۾ پيو، اسان کي اميد آھي ته سماجي خدمتن واري ھن ڪم ۾ ھي تنظيم پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رھندي. زرعي ماھر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته سماجي تنظيمن کي اھڙو ڪم ڪرڻ گھرجي جيڪو سنڌ جي خوشحالي جو سبب بڻجي سگھي، ماحولياتي تبديليون سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي متاثر ڪري رھيون آھن، 2010ع کان وٺي 2023ع تائين سنڌ ٻوڏن ۽ برساتن جي تباھين کي ڏٺو آھي، سنڌ جو سمورو ڪاروھنوار متاثر ٿيو آھي، لکين ماڻھو بي گھر ۽ بيروزگاري ٿيا آھن، سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو جاويد سوز هالائي چيو ته سماجي تنظيمن جا ڪيترائي تجربا ٿيا آهن، پر انھن مان ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ختم ٿي ويون، سماجي تنظيمن جي گھٽتائي جي ڪري سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽون آيون آهن. اسان وٽ سماجي اڻبرابري آھي، عورتن جا مسئلا تمام گھڻا وڌيل آھن، پاڪستان سميت دنيا جي لاءِ اڄ جو اهم مسئلو ماحولياتي تبديليون آھن، پر سنڌ ۾ ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪا موثر حڪمت عملي نظر نٿي اچي، ڪو خاص ڪم بھ نھ پيو ٿئي. سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي اڳواڻ شھناز شيدي چيو تھ سماجي تنظيمون ٻانھن ٻيلي ٿيڻ وارو ڪردار ادا ڪنديون آھن، سمورن عوامي خدمتن وارن شعبن جي بھتري جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ حصيدار بڻجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ئي سماجي تنظيمن جو ڪردار آھي سماج سڌارڪ اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته سڄي دنيا ۾ غير سرڪاري تنظيمن جو بحث ھلندڙ آھي، پر غير سرڪاري تنظيمن جو مطلب رڳو اين جي اوز ناهي هوندو، ڪي تنظيمون حقيقي معنيٰ ۾ عوامي خدمت واري جذبي تحت اڳتي وڌنديون آھن پاڪستان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، پر ماحولياتي تبديلين جو مسئلو دنيا جو وڏو مسئلو آهي، سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن تحت هلڻ سان ئي حقيقي تبديلي ايندي آهي، هن تنظيم ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو، ايس سي ايف عورتن ۽ مزدورن جي مسئلن کي ماحولياتي تبديلين سان جوڙي پيش ڪيو آهي، جنھن سان اھا ڳالھ سمجھڻ ۾ آساني ٿئي ٿي تھ ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تباھين يا خراب اثرن جو سڌو اثر مزدور عورتن تي پئجي ٿو. ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش چيو ته هن تنظيم نه رڳو ماحولياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ڪم ڪيو آھي، پر تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ به پنهنجو خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان موقعي تي عبدالرزاق عمراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.