غير شرعي نڪاح ڪيس، عمران خان کي طلبي جو نوٽيس جاري

اسلام آباد (م ڊ) غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن  ڪورٽ اسلام آباد جي سول جج قدرت الله، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو. عدالت طرفان عمران خان کي 25 سيپٽمبر تي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي . ذريعن موجب عدالت عملي کي اٽڪ جيل سپرنٽينڊنٽ نالي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.