ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سي ٽي ڊي هاءِ پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگ جا ڪيس حل ڪرڻ ۾ ناڪام، وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ نوان/ هٿيار هٿ ڪرڻ جو انڪشافدهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ٽارگيٽ ڪلنگ جا اهم واقعا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.تفصيل موجب پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ بدران پوليس ٿاڻي جي حد تائين گرفتار اسٽريٽ ڪرمنلز جي گرفتاري ۾ مصروف آهي.پوليس ذريعن موجب گذريل 3 مهينن دوران اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ نوان هٿيار استعمال ڪيا ويا آهن.هٿيارن جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ٺاهيل سي ٽي ڊي جي خاص ٽيم ڪا به ڪاميابي نه ڏيکاري .جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ هٿيارن ۽ اسمگلنگ جو نيٽ ورڪ اڃا به سرگرم آهي، شهر ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي سليپرس سيل جي حوالي سان به سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي.پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي نااهلي سبب وفاقي جاچ ايجنسي پنهنجي طور تي هاءِ پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ ڪري رهي آهي، وفاقي جاچ اداري شهر جي مختلف علائقن مان شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارتي ايجنسي را جو هٿ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي شهر قائد ۾ مذهبي اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو بند نه ٿي ٿي سگهيو آهي ، تازي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارتي ايجنسي را جي ملوث هجڻ بابت به جاچ جاري آهي. سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ايجنسين جي تازي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي گذريل رات شهر جي اسڪائوٽ ڪالوني واري علائقي ۾ جامع مسجد ۽ مدرسي جي ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جو شير خان مارجي ويو ۽ هڪ چوڪيدار زخمي ٿي پيو، پوليس اختيارين موجب مقتول شير خان سعودي عرب مان واپس آيو هو. نماز پڙهڻ کانپوءِ مائٽن جي انتظار ۾ ويٺل هو مسجد ٻاهران ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو پيش آيو شير خان جي قتل جو ڪيس داخل داخل ڪيو ويو آهيان کان اڳ 5 سيپٽمبر تي نارٿ ناظم آباد بلاڪ اين ۾ شادي هال ويجهو فائرنگ ۾ دارالعلوم اسلاميه اڪيڊمي کارادر جو مولانا حافظ قاري خرم شهزاد ۽ 2 ٻيا استاد زخمي ٿي پيا هئا، هو 9 سيپٽمبر تي علاج دوران فوت ٿي ويو هو.12 سيپٽمبر جي رات گلستان جوهر ۾ ڪلارڪ ضياءُ الرحمان کي به ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو، مقتول جي قتل ۾ ڀارتي ايجنسي را جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا هئا، هلندڙ سال فيبروري ۾ تعليمدان خالد رضا کي نشانو بڻايو ويو هو. پوليس اختيارين موجب خالد رضا جي قتل جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم قبول ڪئي آهي .