شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج جاري

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي جي سڏ تي شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو  صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن جو احتجاج چوٿين ڏينهن جاري، قلم ڌڻين جو احتجاجي ڪيمپ لڳائي ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي جي مختلف شهرن کان آيل صحافين ،سياسي سماجي ماڻهن توڙي وڪيلن شهيد جان محمد مھر کي ڀيٽا پيش ڪندي جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو.ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر غازي جهندير، ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻي خزانچي وحيد راڄپر ،ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر امتياز خان فاران، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري يونس بنيري، ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، ملير پريس ڪلب جي صدر غلام مرتضي چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو، غلام مرتضي گهانگهرو ،ذوالفقار راڄپر ،سنڌ ويزن جي اڳواڻ شاھ زمان، سلطانه وقاصي، ڪراچي سوشل فورم جي اڳواڻ محبوب عباسي ۽ ٻين چيو ته شهيد جان محمد مھر جي قتل کي 40 ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن پر سندس هڪ به قاتل گرفتار ناھي ٿي سگهيو جنهن مان ظاهر آهي ته سرڪار توڙي پوليس شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ڪونهي. هنن چيو ته 40 ڏينهن لڳاتار سنڌ جا ساڃاهه وند، صحافي، سياسي سماجي ماڻهو توڙي وڪيل لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آهن پر سرڪار وٽ ڪوڙن واعدن دلاسن کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. هنن چيو ته شهيد جان محمد حق سچ ۽ مظلوم عوام جو آواز هئو جنهن آواز کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته جيڪڏهن شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته سي ايم هائوس ۽ اڀ جي آفيس ڏانهن مارچ ڪري اتي ڌرڻا هنيا ويندا ۽ اهو احتجاج ايسيتائين جاري رهندو جيسيتائين شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيندا. ڌرڻي کي سگا اڳواڻ حسينه جتوئي، وحيد سيال، الطاف چنہ، عبداللہ سولنگي ،منظور سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.