27 هين ترميم خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ڪيترائي مظاهرين گرفتار

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ضلعي طرفان 27 هين آئيني ترميم خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايم ڊبليو ايم ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر مولانا عمران علي چانڊيو، ايس يو پي جي ڊاڪٽر مظهر مغل، منظور شيخ، صدرالدين ڀٽي، پي ٽي آءِ جي رئوف  ڪورائي، جاويد بليدي ۽ ٻين چيو ته 27 هين آئيني ترميم سان سپريم ڪورٽ جا اختيار ۽ معزز ججن جا فيصلا ختم ڪيا ويا آهن ۽ ان سان گڏ ڪرپٽ حڪمرانن کي مڪمل طور تي ڇوٽ ڏني وئي آهي. 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن جي خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران سکر پريس ڪلب جي اڳيان احتجاج، آئين سان ڇڪتاڻ ناقابل قبول آهي ۽ عوام پنهنجي حقن لاءِ متحد آهي. اڳواڻن جو مطالبوڪيو ان سلسلي ۾  تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي سڄي ملڪ جيان سکر ضلعي ۾ به 26 ۽ 27 هين آئيني ترميم، رياستي جبر ۽ وڌندڙ فاشزم  خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ مجلس وحدت مسلمين جي ضلعي قيادت، ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سڄي ملڪ جيان جوهي جي سياسي سماجي تنظيمن ايس يو پي ,جسقم , پي ٽي آء , پ پ شھيد ڀٽو , جي ڊي اي ۽ ٻين تنظيمن جي ڏنل احتجاجي سڏ تي اڳواڻن ڪارڪنن احتجاجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي ستاويهين ترميم خلاف غلام قادر لغاري , قربان کوکر , حيدر سيال , خليل عارف سومرو, هاشم کوسو, زاهد باهوٽو , ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جو گشت ڪندي نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو جنهن سبب هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ معطل رهي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ستاويهين ترميم پاس ڪري باقي اوهان ڇا بچايو آھي باقي ملڪ کي سڌارڻو آھي ته 40 هين قرار داد بحال ڪري قومن کي خود مختياري ڏيو. ڀان سيدآباد ۾ تحفظ آئين پاڪستان جي زيراهتمام قومپرست جماعتن طرفان ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي ٻرڙا ھائوس ڀان کان ٻانهن تي ڪاريون پٽي پائي ڪارا جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي. پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ مٿان آئيني مارشل لا مڙهي وئي آهي. جنهن خلاف اٿندڙ آواز کان ڊڄي سنڌ جي حڪمرانن قلم 144 مڙهي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي هنئين آهي. 27هين ترميم جي خاتمي تائين جهدوجهد جاري رهندي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جلسا ڪنداسين. ملڪ تي مڙهيل آئيني مارشل لا کي عوام جي طاقت ذريعي ختم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم خلاف اعلانيل ڪاري ڏينهن جي حوالي سان حيدرچوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلي ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فيصل مغل، مجلس وحدت المسلمين جي مولانا عمران علي دستي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ سليم ترين، هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري سميت عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيد زين شاهه چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت جي حيثيت ختم ڪري هڪ اهڙي عدالت جوڙي وئي آهي. جيڪا حڪمرانن جي مرضي سان هلائي ويندي. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ مڙهي حق جي آواز کي دٻايو ويو.  27هين ترميم دوران عدليه جي قانوني ۽ آئيني حيثيت ختم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان سنڌي ڪي پي ڪي. پنجاب ۽ بلوچستان جيان آزاد حيثيت ۾ رضاڪارانه طور هن ملڪ ۾ شامل ٿيا هئاسين. پر هاڻي اسان جي حيثيت ختم ڪري طاقت جي زور تي اسان مٿان فيصلا مڙهيا پيا وڃن. جيڪي اسين قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڪيترن ئي سياستدانن کي نااهل ڪري سياست کان پري ڪيو ويو آهي. اسٽبلشميٽ کي جيڪڏهن من پسند ماڻهو ئي ملڪ تي مڙهڻا آهن ته پوءِ اليڪشن وارو ڊرامو بند ڪري حڪومتن ۽ جمهوريت جي پاڇي ۾ لڪڻ بجاءِ سڌي مارشل لا مڙهي سڌو جهيڙو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جلسا ڪنداسين سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطه مهم ۽ جدوجهد جاري رکي ويندي. اسين ملڪ تي مڙهيل آئيني مارشل لا کي عوام جي طاقت ذريعي ختم ڪنداسين. ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو ته 27 هين آئيني ترميم ملڪي آئين ۽ عدليا تي وار آهي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ان قانون خلاف آواز اٿاريندڙن تي ڪيس داخل ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسين ڪنهن به ڪيس کان ڊڄڻ وارا ناهيون. 27هين ترميم خلاف جدوجهد جاري رهندي.  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فيصل مغل چيو ته 27هين ترميم ذريعي عوام جا بنيادي حق کسيا ويا آهن. هن چيو ته حڪمران ظالماڻه فيصلا مڙهي رهيا آهن. پر اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته توهان ڀلي ظلم ڪيو. وقت اچڻ تي هر ظلم جو جواب ڏينداسين. هن چيو ته سياسي پارٽيون آئين. جمهوريت ۽ حقن جي ڳالهه ڪن ٿيون. اڄ به اسين حق جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون. هن چيو ته هاڻي اسان جا ٻچا به محفوظ ناهن رهيا. اسان سڀ گڏجي نڪرنداسين. هي تبديلي جو وقت آهي. گڏجي منزل طرف وڌنداسين. ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري چيو ته 27هين ترميم خلاف وڪيلن سميت سياسي سماجي پارٽيون سراپا احتجاج بڻيل آهن. اسان جي جدوجهد آئين جي اصل حالت ۾ بحالي، عوام ۽ سنڌ ڌرتي جي حقن ملڻ تائين جاري رهندي. پرامن جدوجهد کان اسان کي ڪير به نٿو روڪي سگهجي. ميرپورخاص ۾ 27 هين ترميم خلاف ايس يو پي ۽ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران پوسٽ آفيس چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، مظاھري دوران ٽائون پوليس وڏي نفري سان پھچي اڳواڻن ايس يو پي جي صدر لالا اظھر پٺاڻ , پي ٽي آئي جي آفتاب قريشي , احسان جروار ۽ ايس يو پي جي محمد خان مري , شھيب  سومرو , ايس يو پي جي واجد لغاري سميت پوليس 8 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.  خيرپور ۾ 26هين ۽ 27هين ترميم خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن خيرپور جي وڪيلن طرفان سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ مجاهد ڦلپوٽو، امداد خميساڻي، غلام مجتبيٰ جکڙ، ايڊوويٽ شھمير ڦلپوٽو،ايڊووڪيٽ مشتاق احمد،ايڊووڪيٽ جاويد ڦلپوٽو، شعيب نياز خاصخيلي، سجاد سولنگي نور حسن چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي وڪيلن خطاب ڪندي چيو ته 26هين ۽ 27هين غير آئيني ترميمون آڻيون ويون آهن جنهن کي اسان سميت سنڌ جو باشعور عوام رد ڪري چُڪو آهي ملڪ جي آئين سان هٿ چُراند ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.  ميهڙ ۾  ايس يو پي ، تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن پاران ميھڙ باء پاس کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين ريلي ڪڍي وئي. مظاھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي غير آئيني ترميمن خلاف نعريبازي ڪئي.  نوشهرو فيروز ۾ تحريڪ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۔ايس ٽي پي ۽ ٻين پارٽين پاران  پاران الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي مهر علي وسطڙو، فرمان نول، خادم سيال، طالب مبيجو۔ جسقم اڳواڻ اسد عمراڻي۔ سجاد ڀٽي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۾ لاڳو ڪيل 26هين ۽ 27هين سميت سڀني غير آئيني ترميمن جي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين انهن زور ڏنو ته آئينِ پاڪستان کي 40 واري قرارداد مطابق ان جي اصل روح ۽ حقيقي شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي، ڇو ته هي معاملو ملڪ جي وسيع مفاد سان تعلق رکي ٿو. 27هين ترميم کانپوءِ عدالتون ڪينگرو ڪورٽن کان به بدتر ٿي ويون آهن .سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع مٽياري ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي  پاران ايس يو پي اڳواڻ ارشد رسول آخوند ۽ دوست علي شيخ جسقم ضلع مٽياري جي صدر ذوالفقار ڏيٿو . شھزاد سنڌي . صدام کوسو . وڪيل اڳواڻ سجاد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان 27 آئيني ترميم خلاف  احتجاجي مظاھرو ڪندي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ايس يو پي جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي اڄ پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته 27 آئيني ترميم ۾ سمورا اختيار اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪيا ويا آھن ھاڻي ته سياسي قيادت توڙي جوڊيشري به اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ھيٺ اچي ويا آھن نئين آئيني ترميم سان صوبن جا اختيار ختم ڪري وفاق حوالي ڪيا پيا وڃن اڳواڻن جو چوڻ ھو ته 27 ترميم کان پوء 28 ترميم جون ڳالھيون ھلندڙ جنھن ۾ صوبن کي ورھائڻ جون ڳالھيون پيون ھلن پر اسان ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته جيستائين به ھڪڙو سنڌ جو غيرتمند پٽ زندھ ھوندو سنڌ تقسيم نه ٿيندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جيستائين ترميم ختم نه ٿي ڪئي وڃي اسان جو احتجاج جاري رھندو. سيوھڻ ۾ ڪالھ ڪارو ڏينهن ملھائيندي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن تعلقا صدر نواز علي رند جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان ڌمال چوڪ تائين پهچي نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي نواز علي رند، آزاد غفور نوحاڻي، عبدالحڪيم بڙدي، تاج محمد پنھيار ۽ ٻين احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اندر 27ھين آئيني ترميم آڻي عدالتن سان ناانصافي ڪئي ڪئي وئي آهي جيڪڏهن اهو قانون لاڳو ڪيو ويو ته عام ماڻهون به انصاف کان لاچار بڻجي ويندو, شهدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن 27هين آئيني ترميم خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي ڪارو ڏينهن ملهائي  احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي نعري بازي ڪئي، ، اڳواڻن چيو ته ساڃاھ وند 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي سول مارشل سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي آئين جي وقار ۽ اصل روح جي تحفظ لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکندا. سکر ۾ 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن جي خلاف تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران سکر پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. تحفظ ائين پاڪستان ڪائونسل طرفان پوري ملڪ اندر ڇويھين ۽ ستاويهن ترميم خلاف اڄ احتجاج جي ڪال ڏني وئي ھئي جنھن تحت مورو شھر اندر مختلف جماعتن جي اڳواڻن محمد رمضان لنڊ محمد ياسين سومرو غلام مرتضي ڏيپر عباس حب ايڊووڪيٽ خليل احمد ڪوريجو جنسار ڪلهوڙو جان محمد پڃارو جي ايم صابقي امير ڏيپر جي اڳواڻي ۾ مورو پراڻي نادرا آفيس کان مورو پريس ڪلب تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو آھي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ملڪ اندر ھڪ مخصوص ٽولو حڪمراني ڪرڻ خاطر ملڪ جي قانون سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري رھيو آھي ھو تاحيات حڪمراني ڪرڻ چاھين ٿا جنھن سبب عوامي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ستاويهن ترميم بعد اٺاويهين ترميم آندي ويندي جنھن سان صوبن جي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي پڻ ڌاڙو ھنيو ويندو موجوده ترميم سبب ھن وقت عدليه کان پاور کسيا ويا آھن عدالتن جو ڪوبه معيار باقي ناھي رھيو اگر ملڪ اندر عدل ۽ انصاف نه رھندو ته پوء ملڪ اندر ڏڦيڙ پيدا ٿيندو جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نه آھي مظاهرين پاران چتاءُ ڏنو ويو آھي ته مرڪزي حڪمن تحت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ميمبرن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب آڏو 27 هين آئيني ترميم خلاف مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته 27هين آئيني ترميم کي فوري طور رد ڪري ، عدليا جي آزاديءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ آئيني معاملن تي عوامي راءِ شماري (ريفرنڊم) کي لازمي قرار ڏنو وڃي .اهو مطالبو تحريڪ نمائندگي عوام  (پڪار) جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪندي ڪيو، جنهن جي اڳواڻي عورت اڳواڻ مهناز رحمان، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، سينئر وڪيل ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عابده نسيم، ڊاڪٽر فيصل خان، پڪار جي مرڪزي چيئرمين نياڻي پروين نظر ۽ ٻين ڪئي، مظاهري ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ، معاشي ماهرن، قانون جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.مظاهرو ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي آئين جي بالادستي، عدليا جي آزادي ۽ پارليامينٽ جي اختيارن جي حد بنديءَ جي حق ۾ نعريبازي ڪندا رهيا. نعرا هئا. اڳواڻن چيو ته ملڪ جي عوام کي 27هين ترميم منظور نه آهي ۽ اسان آئين کي وڪامجڻ نه ڏينداسين ،جعلي پارليامينٽ وارو بل رد ڪريو ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته   موجوده پارليامينٽ چونڊن جي شفافيت تي سوالن سبب عوام جي حقيقي نمائندگي نٿي ڪري سگهي، تنهنڪري ان وٽ بنيادي آئيني تبديليون آڻڻ جو ڪوبه اختيار موجود ناهي. هنن زور ڏنو ته خاص طور تي جڏهن ڳالهه عدليا جي آزاديءَ تي اختيارن جي حد بندي ۽ ججن جي مقرريءَ جي طريقيڪار تي هجي، ته اها ترميم عوام جي سڌي رضامندي (ريفرنڊم) کانسواءِ ڪنهن به صورت ۾ نافذ نٿي ٿي سگهي.ان مظاهري کان شام دير تائين ڪراچي پريس ڪلب چوڌاري پاڪستان تحريڪ انصاف جي 27 ترميم خلاف مظاهري جي اعلان سبب پوليس جو سخت ڪڙو چڙهيل هو، پر سول سوسائٽي کي 27 ترميم خلاف پنهنجو مظاهرو ڪيو. هوڏانهن ايمپريس مارڪيٽ وٽ  پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي وئي، پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.