ڀارتي عوام جو هوائي فوج جي سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو

نئين دهلي (م ڊ) دبئي ايئر شو دوران هوائي جهاز جي اسٽنٽ دوران ڀارت فائٽر جيٽ تيجاس ڪري تباهه ٿي ويو. ڀارتي هوائي فوج پائلٽ جي موت جي تصديق ڪئي آهي ۽ حادثي جو سبب ڳولڻ لاءِ هڪ جاچ ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي. تيجاس حادثي کان پوءِ، سوشل ميڊيا تي ڀارتي واهپيدارن پنهنجي  هوائي فوج تي تنقيد ڪئي ۽ هوائي فوج جي سربراهه جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. واهپيدارن تربيت ۽ ٽيڪنيڪل تياري بابت سوال اٿاريا ۽ قيادت جي ڪارڪردگي بابت خدشا ظاهر ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.