سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته گهر جو پير چُلهه جو مارنگ، ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو اندازو ته سڀ ڪو پنهنجي حساب سان ئي لڳائي سگهي ٿو پر اهڙي ئي صورتحال هڪ بهترين فائدن واري ميوي جي استعمال بابت به آهي. جنهن بابت اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين. اهو ميوو زيتون آهي.
پنهنجي ڌرتي تي ٿيڻ ۽ سستي اگهه جي هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو بي خبر آهن پر زيتون جي ميوي توڙي وڻ ۽ پنن جا صحت لاءِ انيڪ فائدا آهن جن کي ڪنهن به حوالي سان نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. زيتون ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس جُز موجود هوندا آهن جيڪي جسم مان زهريلا مادا خارج ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، زيتون وزن گهٽائڻ، هاضمي ۽ جسم جي شگر ليول برقرار رکڻ ۾ مددگار هوندو آهي پر اڄ اسان اوهان کي زيتون جي پنن جي چانهه جا اهڙا ڏهه فائدا ٻڌائينداسين جن کانپوءِ توهان کي انهن جو استعمال ضرور ڪرڻ گهرجي.