آڪٽوبر جو مهينو ڪيئن رهندو؟ موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته سامونڊي هوائن ۾ وقفي سبب آڪٽوبر جو مهينو گرم رهندو.
چوماسي سسٽم ڪراچي کان پري ٿي ويو ۽ شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سان گرمي جي شدت گهٽجي ويندي.
ڪجهه ڏينهن برسات کانپوءِ هاڻ ڪراچي ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي ۽ سڀاڻي کان شهر ۾ موسم جي صورتحال به مَٽجي ويندي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب شهر ۾ گرمي وڌي هئي، شهر ۾ سڀاڻي کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سان گرمي جي شدت گهٽجي ويندي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ گرمي پد 32 کان 34 گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ به برسات جو ڪو امڪان آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سامونڊي هوائن ۾ وقفي سبب آڪٽوبر جو مهينو گرم رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.