اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڪرپشن جو هڪ ٻيو ڪيس تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين تي الزام آهي ته هن ٽيليٿان ذريعي گڏ ڪيل فنڊن جو غلط استعمال ڪيو ۽ هن آگسٽ 2022ع ۾ ٽيلي فون ذريعي فنڊ گڏ ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 ارب 32 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا، جنهن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب هيڊڪوارٽر کي انڪوائري جي منظوري لاءِ درخواست ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب راولپنڊي ڪيس جي شڪايت جي تصديق ڪندي ان کي انڪوائري ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هن وقت سائفر ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي اٽڪ جيل ۾ قيد آهي.