اسلام آباد(م ڊ) سولر پينل امپورٽ ڪرڻ جي نالي تي اربين رپين جي اوور انوائسنگ ذريعي وڏي رقم پرڏيهه منتقل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهيسينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين ايف بي آر زبير امجد بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مالي سال 2017ع کان وٺي 2022ع تائين سولر پينلز جي درآمد تي 69.5 ارب رپين جي اوور انوائسنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.ايف بي آر جي دستاويز موجب درآمد ڪندڙن 6 هزار 232 گڊز ڊيڪليئريشن تي 63 امپورٽس ۾ اوور انوائسنگ ڪئي، گذريل مالي سال ۾ ٻن نجي ڪمپنين 2718 شين جي ڊيڪليئريشن تي 37.76 ارب رپين جي اوور انوائسنگ ڪئي، ٻن نجي ڪمپنين 72 ارب رپين جي رقم منتقل ڪئي ۽ 45 ارب رپين جا سولر پينل امپورٽ ڪيا. چيئرمين ايف بي آر چيو ته اوور انوائسنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ڪمرشل بئنڪن رقم جي منتقلي دوران فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي ضابطن کي نظرانداز ڪيو.