اسلام آباد(م ڊ)2 لک کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ 25 ارب رپين جي مفت بجلي فراهم نه ٿي سگهي، توانائي واري وزارت نئين سمري تيار ڪري ورتي آهي. نگران وزيراعظم سرڪاري آفيسرن کي مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، سمري ۾ چيو ويو آهي ته اربين رپين جو موجوده خسارو ۽ سئو اربن جو نقصان ڪنهن به اداري يا فرد کي مفت بجلي ڏيڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي.نگران توانائي واري وزير جي دستخط کانپوءِ سمري اڄ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلي ويندي، نئين سمري سرڪاري ملازمن کي مفت بجلي نه ڏيڻ جي سفارشن سان موڪلي پئي وڃي، توانائي واري سيڪريٽري تصديق ڪئي.توانائي واري وزارت جي سرڪاري انگن اکرن موجب 32 هزار آفيسر هر سال 12 ارب رپين جي مفت بجلي استعمال ڪن ٿا.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم اهو فيصلو سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي احتجاج جي خوف سبب ورتو، ذريعن موجب ناڻي واري وزارت کي مفت بجلي جي سهولت فوري طور ختم ڪرڻ جي سفارش سمري ۾ سرفهرست آهي.