حيدرآباد(م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) حيدرآباد ۾ ڪسٽم انسپيڪٽر جي گهر تي ڇاپو هڻي 4 قيمتي نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون، هٿيار ۽ ڪرنسي هٿ ڪري ورتي.اختيارين موجب ايف آءِ اي حيدرآباد جي علائقي حيدر آباد ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽم انسپيڪٽر کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي پئي وڃي.ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم انسپيڪٽر جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي دوران 19 شارٽ گنز، 33 رائفلون، پستول ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا ويا آهن.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 4 نان ڪسٽم گاڏيون، 1 ڪلو سون جا زيور، 5 لک رپيا نقد ۽ درجنين قيمتي جانور پڻ هٿ ڪيا ويا.ايف آءِ آر جي متن موجب ظاهر آهي ته ڪسٽم انسپيڪٽر اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، جن جو تعين جاچ ۾ ڪيو ويندو.