ناڻي کاتي ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ صوبائي فنانس ڪميشن لاءِ سفارشن جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ خزاني ۾ سڌارا آڻڻ ۽ گهوسٽ پينشنرن کي ڊي لسٽ ڪرڻ ۽ صوبائي فنانس ڪميشن ايوارڊ لاءِ پڻ سفارشون جوڙڻ شروع ڪري. ايندڙ چونڊيل حڪومت ايندي ئي ان جو اعلان ڪري سگهي ٿي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ناڻي کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري ناڻي ڪاظم جتوئي، اسپيشل سيڪريٽري طارق شاهه، شهمير ڀٽو، نثار ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ناڻي ڪاظم جتوئي وڏي وزير کي ناڻي کاتي جي ڪمن ۽ ذميوارين بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته سرڪاري خزاني ۾ ڪرپشن جون شڪايتون وڌي رهيون آهن. وڏي وزير چيو ته خزاني جا آفيسر نه رڳو پينشن جي ورهاست ۾ مسئلا پيدا ڪن ٿا پر هڪ اهڙو نظام به هلائين ٿا جنهن تحت گهوسٽ پينشنرن جون پينشنون سندن کيسي وڃن ٿيون. وڏي وزير چيو ته اڪثر رٽائرڊ ملازم پنهنجي گريجوئيٽي ۽ پينشن وٺڻ لاءِ هڪ کان ٻئي سيڪشن رُلي رهيا آهن. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي چيو وڃي ته هو ناڻي کاتي جي نمائندن سان کلي ڪچهري ڪن ته جيئن پينشنرن جي تصديق ڪئي وڃي ۽ گهوسٽ ملازمن کي ڊي لسٽ ڪيو وڃي. وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سمورن خزاني جي آفيسن ۾ آٽوميشن متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن پينشن ۽ ٻيون ادائگيون ڊجيٽل سسٽم ذريعي وقت تي جاري ڪري سگهجن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته لوڪل ڪائونسل جي ماهوار حصي ۾ 50 سيڪڙو واڌ سبب اضافي فنڊنگ مڪمل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا گهربل آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته صوبائي مالياتي ڪميشن (PFC) جو قيام وقت جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان ڪمپوزيشن ۾ پي ايف سي تي ٻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ضرورت هئي تنهنڪري اهو عام چونڊن کانپوءِ مڪمل ڪيو ويندو. هن ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو پي ايف سي ايوارڊ لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ شروع ڪري ته جيئن ايندڙ چونڊيل حڪومت پنهنجي دور جي شروعات ۾ ئي ان تي عمل ڪري سگهي، هن چيو ته مڪاني ادارن جو صوبائي حڪومت جي گرانٽس تي باقائدگي سان دارومدار سٺو عمل ناهي، هن وڌيڪ چيو ته انهن کي مقامي ترقي لاءِ پنهنجا وسيلا ۽ فنڊ گڏ ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.