قدرتي آفتن جي تباهيءَ ۾ انساني هٿ!

محمد احسان لغاري

16 ڊسمبر 2010ع تي تيونس جي هڪ سبزي وڪڻندڙ نوجوان محمد البوعزيزي، پوليس جي ڌمڪين  ۽ زيادتيءَ کان تنگ ٿي احتجاج ڪندي پنهنجو پاڻ کي باھ لڳائي ڇڏي. چار جنوري 2011ع تي هُو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. پر تيستائين پوري عرب دنيا ۾ هڪ نئين خواب جو ڀنڀڙ بکي چُڪو هو. اِهو جمهوريت ۽ آزادي جو خواب هو، جنهن کي هاڻ دنيا ”عرب اسپرنگ“-عرب بهار جي نالي سان ياد ڪري ٿي. تيونس، مصر، لبيا، شام، بحرين ۽ ٻين ملڪن ۾ لکن ماڻهن جمهوريت جي اُميد ۾ مظاهرا ڪيا. ڏسندي ئي ڏسندي ڏهاڪن کان ويٺل حڪمران گم ٿي ويا! پر عرب ملڪن جي عوام جو ’بهار جمهوريت جي اُميد‘ جو خواب عالمي طاقتن پنهنجي پنهنجي ماڻهن، گروپن ۽ ليڊرن سان گڏجي چڪنا چور ڪري ڇڏيو.

ان وقت کان ٻن انتظامي حصن، ٻن حڪومتن ۾ ورهايل  ۽ هڪ ڊگهي ويڙھ ۾ گهريل لبيا جي اوڀرندي سامونڊي شهر ۽ بندرگاھ ’درنا‘10 سيپٽمبر تي سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ هڪ قيامت کان گذريو، جيڪا ڃان تائين هلي رهي آهي! خدشو آهي ته 12 کان 20 هزار درنا شهر جا رهندڙ پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. شهر جو چوٿون حصو، جيڪو ’درنا جي سوڙهي واديءَ اندر‘ ندي جي پراڻي پيٽ ۾ اڏيو ويو هو، تنهن جو وجود ميسارجي ويو آهي! سيپٽمبر جي شروعات ۾ يوناني سامونڊي پاڻين ۾ ٺهندڙ طوفان ’دانيال‘ يونان ۾ برساتي تباهي مچائيندي انت اچي لبيا ۾ ڪيو. درنا شهر کان صرف 12 ڪلو ميٽر مٿي ڊئم جي ٽُٽڻ جي ڪري جنهن ۾ 150 ملين ڪيوبڪ ميٽر کان مٿي پاڻي هو، تنهن رستي ۾ ايندڙ ٻي ڊئم کي جيڪو درنا شهر کي ويجهو هو، ٽوڙيندو درنا شهر مٿان قهر ٿي ڪريو. جيڪڏهن اوهان سيٽ لائيٽ فوٽو/عڪس (جنهن کي سيٽ لائيٽ اميج چئجي ٿو) 2 سيپٽمبر جو ۽ 12 سيپٽمبر جو ڏسندؤ ته خبر پئجي ويندي ته ڪيئن شهر جو هڪ وڏو ٽڪر ختم ٿي ويو.

گڏيل قومن جي ”عالمي موسمياتي اداري ــ ورلڊ ميٽرو لوجيڪل آرگنائيزيشن“ جو چوڻ آهي ته ”مرڻ وارن هزارن ماڻهن مان گهڻن کي بچائي سگهبو هو!“ جيڪڏهن بروقت خبرداري ڪرڻ ۽ اڳواٽ هوشياري ڏيارڻ وارو نظام فعال هجي ها ۽ ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ها ته هو انهن خطرناڪ علائقن مان نڪري وڃن، جنهن ۾ ڪنهن وقت ٻوڏ اچي پئي سگهي! ڇاڪاڻ ته ڪئي سالن کان هي ملڪ اندروني لڙائي ۽ انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل رهيو آهي، ان جي ڪري ملڪ ۾ آفتن کان بچاءُ جو ۽ اڳواٽ خبرداريءَ جو نظام ڪمزور يا اڻلڀ ٿي پيو آهي.

پنهنجي اڄ جي مضمون  ۽ عنوان جو مقصد اِهو آهي ته قدرتي آفتن جي وڌي ويندڙ تباهيءَ ۾ انساني عملن ۽ هٿن کي ڏسي سگهون. انهن ۾ ڪمزور ۽ خراب طرز حڪمراني، اڻلڀ يا گهٽ بچاءُ واريون اڏاوتون، ڪمزور اڏاوتي ۽ اڳواٽ خبرداري وارا نظام، ملڪ/خطي ۾ غير سلامتي واريون حالتون  ۽ ويڙھ شامل آهن. ان سان گڏ اِن ڳالهه کي پڻ ڏسي وٺون ته اسان جي ملڪ ۽ صوبي ۾ وري وري آفتون اچن پيون ۽ هر ٻئي سال خاص ڪري غريب کي ڪمزور ڪري، ترقي جي رستي کي پٽي اڇلائين ٿيون، ان کي گهٽائڻ لاءِ ڇا اسان جا طريقا صحيح آهن، ڪمزور آهن، بهتر آهن يا بنهه اُبتڙ آهن. 2022ع واري ٻوڏن جا ڦٽ سُڪڻ ۽ ڇٽڻ ۾ سنڌ کي شايد ڪئي سال لڳن. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ آيل ٻوڏن ۽ تباهي جي سبب ۾ هڪ اهم سبب اِهو هو ته اسان جيڪي بچاءُ وارا بند، اڏاوتون، ننڍا ڊئم ٺاهيون ٿا، انهن جي رٿابندي، اڏاوتي معيار کان وٺي ڊزائين تائين چڱي ريت ڪم نٿا ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وچٿري آفت  وڏي آفت جو سبب بڻجي ٿي.

لبيا ۾ آيل ان ٻوڏ واري تباهيءَ مان عالمي سبق اِهي آهن ته اڳواٽ خبرداري جي فعال نظام هجڻ يا نه هجڻ جي ڪري انساني موتن ۾ هزارن جو فرق ٿي سگهي ٿو. ٻيو اهم سبق اِهو آهي ته جيڪي ملڪ ۽ علائقا اندروني ويڙھ، انتشار  ۽ جهيڙن ۾ ڦاٿل هوندا آهن، اُتي رياستي بچاءُ جا نظام فيل ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهن جي زندگي جي اهميت ختم ٿي ويندي آهي. انهن جو ڪو ٻڌڻ وارو نه هوندو آهي. ايندڙ تباھ ڪن حالتن لاءِ ملندڙ اشارن جي باوجود خطرن جي موجودگيءَ کان يا ته بي خبر رهبو آهي يا وري ڄاڻي واڻي اکيون ٻوٽبيون آهن. لبيا جي شهري رٿابندي ــ اربن پلاننگ جي ماهر محترمه برويلا مطابق ته ”اوڀر لبيا ۾ ڪافي عرصي کان ترقياتي ڪم نه ٿي رهيا هئا… ڊئم ۾ ڏار ته اڳ جا پيل هئا ۽ ڊئم سان گڏ ٻين اڏاوتن جي سار سنڀار نه هئڻ جي برابر هئي. درنا شهر جي بچيل هڪ پيرسن جي واتان هي جملو نڪتو ته ”ڪجهه سالن کان اسان ڊئم بابت رڙيون ڪيوسين پئي، هفتو اڳ به رڙيون ڪيون سين ته ڊئم خراب حالت ۾ آهي….“. ان ڳالهه مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته جتي رياستي ۽ ملڪي ڍانچو ناڪام حالت ۾ هوندو آهي اُتي عام ماڻهو جي خطرن بابت ڳالهه فيصلا سازن جي ڪنن تائين نه پهچندي آهي.

2022ع واري ٻوڏن ۾ لاڳاپيل ذميدارن کان ٻڌوسين، جن ۾ ادارتي ۽ حڪومتي اڳواڻ شامل هئا. ”اسان ڇا پئي ڪري سگهياسين، اِها قدرتي آفت هئي… ڏمر هو….“. سنڌ ۽ پاڪستان جي 2022ع واري ٻوڏن جي آفت کان وٺي آمريڪا ۾ آيل قطرينه طوفان (2005) ۽ سينڊي سامونڊي طوفان (2012) تائين، ذميوار ۽ حڪمران پنهنجين ڪوتاهين کي ”فطرت ماءُ يا خدا“ جي حوالي ڪندا رهيا آهن! مذهب ۽ ماحولياتي سائنس جي پروفيسر لُوڪس جاهٽسن مطابق ”اڪثر قدرتي آفتن جي تباهيءَ جا پيرا انساني عملن ڏانهن کڄن ٿا…. دنيا جي هاڻ اڌ کان وڌيڪ آبادي شهرن ۾ رهي ٿي… خاص ڪري دنيا جا وڏا وڏا شهر سامونڊي پٽين تي ٺهيل آهن. انهن جي وڌندڙ آباديءَ جي ڪري هاڻ ٻِٽو (ٻيڻو) خطروآهي. هڪ ته سامونڊي طوفان ۽ انهن جي تباهي وارا اثر وڌي رهيا آهن ۽ ٻيو ته انهن علائقن ۾ (گهٽ جاءِ تي) وڌيڪ انسان آباد ٿي ويا آهن!“ جيتوڻيڪ سڀئي آفتن کي انساني ڪارڻ هيٺ نٿو آڻي سگهجي، پر اڪثر آفتن جي اچڻ ۽ انهن جي تباهيءَ ۾ انساني عنصر بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. پروفيسر صاحب جي 10 سال اڳ چيل اِها ڳالهه 2022ع واري اسان وٽ آيل ٻوڏن يا هاڻ واري لبيا واري ٻوڏن لاءِ سوچڻ جو مواد ضرور مهيا ڪري ٿي!

ويڙھ، سياسي عدم استحڪام، ڪمزور طرز حڪمراني ۽ اڳواٽ خبرداريءَ جو ڪمزور نظام، سڀ انساني عملن جي ڪري يا ذميوارين کي نه پورو ڪرڻ جي ڪري آهن. ادارتي ۽ حڪومتي ڪمزورين کي ڌڻي پاڪ جي کاتي ۾ ڪيئن ٿو وجهي سگهجي! تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ 2012ع ۾ آيل نيويارڪ ۾ سامونڊي طوفان جا وسيع نقصان ”قدرت“ جي ڪري نه هئا، بلڪه پروفيسر ٽيڊ اسٽنبرگ مطابق ناقص رٿابندي ۽ طوفان کي مُنهن ڏيڻ جي تياري ۾ گهٽتائي ۽ ڪمزوريءَ جو نتيجو هو!“.

لبيا جي درنا شهر جو اُهو حصو جيڪو لُڙهي ويو آهي، سو درنا نديءَ جي پيٽ ۾ ٺهيل هو! سمجهڻ کپي ته سڄي دنيا کي ۽ پاڻ کي هاڻ آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ، طوفان۽ ٻوڏن کي مُنهن ڏئي زندگي ۽ سماج کي روان دوان رکڻ لاءِ اِهي غلطيون نه ڪرڻيون آهن. دريائن، واهڙن، ڍورن جي پيٽ ۾ اڏاوتون روڪڻيون آهن، جيڪي ڪري چُڪا آهيون، ان کي وري ڏسڻ ۽ نئين سِر رٿابندي ڪري، ٻوڏن جي تباهي کان بچڻ جي ضرورت آهي. 1960ع ۾ هندستان سان ڪيل ”سنڌ ــ طاس معاهدي“ تحت، راوي، ستلج  ۽ بياس جي پاڻي تي هندستان جو حق ٿيو ۽ وري اولهه واري دريائن سنڌو، جهلم  ۽ چناب تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو. پوئين مهيني جي آخر ۾ ستلج ۾ ٻوڏ آئي، جيڪا پهريان هندستان جي پنجاب جا علائقا ٻوڙيندي پوءِ پاڪستان جي پنجاب ۾ بهاول نگر ۾ ٻين ڳنڍيل علائقن ۾ نقصان ڪيا. ان ۾ گهر، زرعي ٻنيون،مال ۽ ٻين بيٺل فصلن جو نقصان ٿيو، ڪئي هزار ماڻهو پاڻيءَ ۾ ڦاٿل رهيا! ستلج ۾ عام حالتن ۾ هندستان کان پاڻي نه ايندو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڳنڍيل واهن سان ان تي لاڳاپيل زرعي زمينون آباد ٿينديون آهن (۽ اِهو پاڻي ڪنهن دريائين ٻوڏ واري پاڻي کان گهڻو گهٽ هوندو آهي)، ان کي جيڪو ستلج دريا جو پنهنجو ڪچو هو، پيٽ هو، سو آهستي آهستي پڪو ٿيندو ويو ۽ اقتصادي، سماجي ۽ اڏاوتي واڌ ويجهه جي ڪري، ڪچي جو نقشو دريائي پيٽ وارو نه رهيو. هاڻ جڏهن به ڪا ٻوڏ اچي ٿي ته تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو! جيئن درنا ڊئم  ٽوڙيندو وڃي سمنڊ ۾ هزارن انساني جاين سان گڏ ڪِريو، ايئن سمجهڻ کپي ته ڪنهن به دريا جي ڦٽل يا قبضي ڪيل پيٽ ۾ وڏي ٻوڏ اچي سگهي ٿي. ستلج ۾ هينئر آيل ٻوڏ ان ڳالهه جو هڪ ننڍو عڪس آهي، جنهن جي بابت دنيا جا محقق، ماحولياتي ۽ موسمياتي سائنس جا ماهر ۽ دنيا جي لاءِ خطرن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدان سالن کان اِهو ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن. آمريڪي پروفيسر ٽيڊ اسٽين برگ جا لفظ اسان کي پڻ ياد رکڻ کپن ته ”حقيقت ۾ هي جيڪي تباهي جون آڱريون فطرتي قوتن ڏانهن کڻن ٿا، ان کي قدرتي عمل ڪوٺن ٿا، اِهو هڪ ڪوڙ ۽ فتنو آهي!“ ”اِهي رٿابندي، اڏاوتي ۽ ادارتي ڪوتاهيون آهن!“

چوندا آهن ته ڏٻري ڏاند کي چچڙ به گهڻا ته مڇر به گهڻا. سو لبيا جيڪو اتر آفريقا جو تيرهن سال اڳ خوشحال ملڪ هو، تنهن کي اندروني ويڙھ، عالمي سياست ۽ هاڻ دانيال طوفان جهوري وڌو آهي. سمجهڻ کپي ته سياسي استحڪام، بهتر اڏاوتي ۽ تعميراتي نظام، خطرن جي چٽيءَ ريت نشاندهي، بهتر رٿابندي، سگهارو ادارتي نظام ۽ هڪ مضبوط اڳواٽ خبرداريءَ وارو نظام ملڪن ۽ علائقن کي آفتن کان بچائڻ يا انهن جي نقصانن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. اسان کي انهن سڀن شعبن کي چڱي ريت ٽٽولڻ کپي ۽  شفاف ۽ بهتر رستا ڪڍڻ کپن، پر جيڪڏهن فيصلا ساز ۽ حڪمران سمجهن ٿا ته ‘ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چُگهه’ هوندا ته پوءِ ان جي قيمت ادا ڪرڻ جي سگهه هاڻ پاڪستاني عوام ۾ نه آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.