گھڻ رخي ظلم خلاف سنڌي عوام جو  احتجاج   

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عوام جو احتجاج جاري آھي.اھڙا مظاھرا اھا نشاندھي ڪن ٿا تھ سنڌ سان ٻيائي جاري آھي ۽ ماڻھن کي سندن حقن کان محروم رکيو ويو آھي.ڪجهھ عرصي کان سنڌ ۾ وڌيل بدامني خلاف شروع ٿيل احتجاج جو دائرو آھستي آھستي وڌي رھيو آھي ۽ عام ماڻھو سنڌ سان ورھين کان ٿيندڙ ناانصافي خلاف اٿي کڙا ٿي رھيا آھن.آئيني طور قائم ٿيل نگران حڪومت وٽ تھ چونڊن جي نگراني ڪرڻ جو ئي آئيني مينڊيٽ آھي.پر روز مرھ جي مسئلن سميت عام ماڻھن جي تڪيلفن کي حل ڪرڻ ۽ امن امان قائم  رکڻ جو انتظام ڪرڻ بھ انھيءَ نگران سرڪار جي فرضن ۾ شامل آھي.جنھن بابت ڪافي اعلان ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ بدامني جيئن جو تيئن جاري رھڻ ڪري ھن حڪومت مان ماڻھن جو ويساھ کڄي ويو آھي.

سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمينن جي نيلامي، ڪوڙي فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري،  سنڌين کي اقليت ۾  تبديل ڪرڻ، سنڌ ۾ سرڪار، سردارن ۽ رياست جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل انڊسٽري کي ھٿي ڏيندڙ قوتن، اغوا جي جاري وارداتن ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ سامونڊي پٽي تي قبضي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، ڪارونجهر سميت تاريخي ماڳن، مڪانن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ طرفان مڪلي کان ٺٽي شھر تائين هزارين ماڻھن احتجاج ڪيو،جن ۾ عورتن، نوجوانن، مزدرون، هارين ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

” سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو“ نالي  ريلي کي خطاب ڪندي چيو تھ 75 سالن کان اقتداري پارٽين جي غلط پاليسين ملڪ جا وسيلا وڪرو ڪري معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي.انھن لالچي اقتدار پرستن سياستدانن،ملڪ کي  عالمي ادارن وٽ گروي ڪري ڇڏيو آھي.پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ جي زمينن، شھرن، روزگار سميت قدرتي ۽ معدني وسيلن قبضي جو سلسلو جاري آھي.ھنن جو چوڻ ھو تھ گذريل پندرھن سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ جماعت پيپلزپارٽي اجتماعي قومي وسيلن کي ذاتي ملڪيت وانگر ناس ڪري رھي آھي.جنھن اقتداري دور ۾  سنڌ کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي.سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ملٽي نيشنل ڪمپنين، ذوالفقار آباد، ايجوڪيشن سٽي، صائمه سٽي، ڪمانڊر سٽي، سيٽلائيٽ ٽائون، ونڊ پاور سميت ٻين اسڪيمن جي بھاني وڪرو ڪري رھي آھي.سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن زمين تي ٿيل قبضن سبب سنڌ جي تاريخ ۽ شناخت ميسارجي پئي. ڪينجھر ۽ ھاليجي ڍنڍ کي تفريح گاھ جي نالي ۾ قبضو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.ھنن مطالبو ڪيو تھ سنڌ سان ٿيندڙ ظالماڻي رٿ بند ڪئي وڃي.بدامني جي باھ وسائي وڃي.ريلي کي لال جروار، نور احمد ڪاتيار، حور النساءَ پليجو، عبدالقادر رانٽو،ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ،  مير حسن آريسر، دستگير ڀٽي، اسحاق مڱريي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

حيدرآباد ۾ سکر ۾ ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ پڻ سياسي سماجي تنظيمن سنڌ ۾ بدامني،ڌاڙيلن جي ڪارروائين ۽ زمينن تي قبضن خلاف احتجاج ڪيو آھي.جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ظلم خلاف پنھنجو آواز بلند ڪيو آھي.جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي پاران ڪيل انھن احتجاج مان اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ سنڌ ۾ لاقانونيت ڪري سنڌ جو ماڻھون وڏي عذاب ۾ آھي.

اختيارين کي گھرجي تھ سنڌ سان ٿيندڙ ماٽيلي ماءُ وارو رويو ختم ڪندي،جاري بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ نتيجا ڏيندڙ قدم کنيا وڃن.آئين ۽قانون تي عمل کي يقيني بنايو وڃي.جيڪڏھن حڪمرانن سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ گھڻ رخي ظلم کي جاري رکيو تھ ان جا خراب نتيجا نڪرندا.

نئين چيف جسٽس جون عدالتي شعبي ۾ نيون روايتون

پاڪستان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عھدي تي فائز ٿيندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حلف کڻڻ بعد نئين روايتون وڌيون آھن.جنھن ۾ ھن گارڊ آف آنر نھ ورتو. ھو جڏھن پنھنجي آفيس پھتو تھ عملي ھن جو شاندار استقبال ڪيو.جنھن دوران ھن مختصر نموني عملي کي ھدايت ڪئي تھ ڪو بھ ماڻھون عدالت يا سپريم ڪورٽ خوشي مان نٿو اچي پر جيڪو بھ اچي ٿو، اھو ڪو مسئلو حل ڪرائڻ اچي ٿو.انڪري ھر ايندڙ سوالي سان بھتر نموني پيش اچو ۽ ان جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

حلف کڻڻ واري سادي تقريب اويوان صدارت ۾ ٿي.جنھن ۾ وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کان علاوه هٿياربند فوج جي آفيسرن، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽن جي حاضر سروسز ۽ رٽائرڊ ججن، صوبائي گورنرز، وڏن وزيرن، نگران وفاقي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

ھتي ياد رکڻ جي ڳالھھ ھي آھي تھ ھي اھو ئي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي  آھي جنھن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس موڪليو ھو.جنھن بعد نھ رڳو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پر سندس گھرواري کي بھ عدالتن جا چڪر کائي ڪري اھو ڪيس وڙھڻو پيو ھو.جسٽس قاضي فائز پاڻ پنھنجي گھرواري سميت عدالتن جي ڪٽھڙي ۾ اچي ڪري اھو ڪيس وڙھيو،جنھن ۾ ھو سرخور ٿيو ھو.

آچر واري ڏينھن تقريب ۾حلف کڻڻ وقت  چيف جسٽس پنھنجي گھرواريءَ کي بھ گڏ بيھاريو ھو.حلف کڻڻ بعد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ملڪ جو 29هون چيف جسٽس بنجڻ جو اعزاز حاصل ٿي ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قانون جي شعبي ۾ 45 سالن کان واڳيل آهي. هن تقريبن 27 سالن تائين وڪيل طور ڪم ڪيو، 5 آگسٽ 2009ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيو. کيس 5 سيپٽمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ جي جج طور ترقي ڏني وئي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جو منصب سنڀالڻ کان اڳ هو سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج هو.حلف کڻڻ بعد چيف جسٽس رات دير سان فل ڪورٽ قائم ڪري پھرين پروسيجر ۽ پريڪٽس ايڪٽ خلاف درخواستن جي سماعت مقرر ڪئي.جنھن کي ھن کان اڳ ۾ جاري ٿيڻ بعد عدالت اسٽي ڏئي ڪري ان کي وچ ۾ ڇڏي ڏنو ھو.

چيف جسٽس ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عدالت جي ڪارروائي سڌيءَ ريت ٽيلويزن تان ڏيکارڻ جو بھ فيصلو ڪيو ھو.جنھن سان ملڪ ۾ شفافيت طرف ھڪ قدم اڳتي وڌڻ جي عمل سان ڀيٽيو پيو وڃي.چيف جسٽس عدالتي ڪارروائي دوران رماڪس ڏنا تھ ھو پاڻمرادو نوٽيس واري اختيار کي ڇڏڻ جي لاءِ پڻ تيار آھي.ان عمل کي ھر سطح تي ھڪ مثبت عمل قرار ڏنو پيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.