ڪتا بمقابلا گڏھ

ڄام صنم سنڌي

ڪڏھن ڪڏھن سوچيندي آھيان ته  مزاحيه  ڪالم لکڻ شروع ڪيان ڇو ته  زندگي ۾ ڪي اھڙيون تلخ حقيقتون ھونديون آھن جن کي فقط مزاح ۾ ئي بيان ڪري سگھجي ٿو ڇو ته  سنجيدگي سان چيل سچ ۽ حقيقت ڪنھن کان به  ھضم ناھي ٿيندي.

پنجاب ۾ سرڪاري ڪتن جي رٽائرمينٽ واري خبر دل ۾ انيڪ خيال پيدا ڪيا ته  سرڪار رڳو پنجاب پوليس ۾ موجود ڪتا ڇو رٽائر ڪيا ڪتا ته  تقريبن ھر ڊپارٽمينٽ ۾ ۽ سڄي پاڪستان ۾ موجود آھن جيڪڏھن سنجيدگي سان سرڪار غور ويچار ڪري ته  رٽائرمينٽ جو دائرو وڌي به  سگھي ٿو پر ھڪ ڳالھه  ڏاڍو اچرج ۾ وڌو ته  رٽائر ڪيل ڪتن کي مراعتون ملنديون رھنديون اھي واپس نه  ورتيون وينديون. پاڪستان انھيءَ روايت ۾ ھاڻي پڪو پختو ٿي ويو آھي اھو سچ آھي ته  ھتي جن به  ڪتن کي مراعتون ملنديون آھن اھي انھن کان واپس ورتيون به  ناھن وينديون ۽ نه  وري اھي واپس ڪرڻ ڏيندا آھن ڇو ته  ڪتا جو ٿيا، ڀلا ڪتن تي ڪھڙي ميار؟ ظاھر آھي اھي ماڻھون ته  ناھن جو کين بک مرڻ ڏنو يا خودڪشي ڪرڻ ڏني وڃي يا ڪھڙو وري سندن ٻچن کي مزدوري ڪرڻ ايندي اھي سڀ ڪم ته  انسان کي جڳائن ٿا ڪتن کي نه ، سرڪار ٻيو ته  ڏاڍو ڀلو ڪم ڪندي ڪتن کي ايوارڊ، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ سان به  نوازيو ڪتن کي ايوارڊ ھر دور ۾ ملندا رھيا آھن بس سرڪاري سطح تي اعلان پھريون ڀيرو ڪيو ويو آھي سندن ميڊل ۽ سندون محنت جو صلو آھن ڇو ته  ڪتو ٿيڻ ڪا سولي ڳالھه  ڪانھي ڪتن کي جيئري اعزاز ملڻ وڏي ڳالھه  آھي غير معمولي ماڻھن کي ته  مئي به  مڃتا ناھي ملندي. صحافين کي ڪتن واري تقريب جون خبرون ھلائيندي اھو به  واضح ڪرڻ کپي ھان ته  تقريب ۾ ڪتن گھڻي شرڪت ڪئي يا آفيسرن. جيڪڏھن آفيسر گھڻا ھا ته  اھو غلط آھي ڇو ته  تقريب ڪتن جي ھئي خير ڪتا گھڻا ھجن يا آفيسر، ايوارڊ ڪتا وٺن يا ڏين اھو مسئلو ڪتن ۽ سرڪار جو آھي اسانجو ڇا؟

ڪتن تان گڏھ ياد آيا گڏھ به  ته  اھم آھن ھڪ ڀيري پطرس بخاري کان ڪنھن انگريز پڇيو ته  ”ٻڌو اٿئون برصغير ۾ گڏھ گھڻا آھن“ پطرس بخاريءَ چيس ”صاحب ھئا ته  ڏاڍا پر 1947 ۾ گھڻا شفٽ ٿي ويا“ گڏھن تان ھڪ ننڍڙو قصو ياد اچي رھيو اٿم اھو به  ٻڌندا ھلو ”ھڪ ڀيري وڏي تعميراتي ڪمپني کي پاڪستان جي جبلن واري علائقي ۾ روڊ ٺاھڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو ڪمپني نقشا ٺاھڻ شروع ڪيا سروي دوران پرڏيھي انجينئر، پاڪستاني ٺيڪيدار کي چيو ته  مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته  توھان ماڻھو جبلن واري ڏکئي علائقي ۾ روڊ جا نقشا ڪيئن ٿا ٺاھيو تنھن تي پاڪستاني ٺيڪيدار چيو اسان گڏھ تي چوني جي ٻوري رکي کيس ڇڏي ڏيندا آھيون گڏھ پاڻ رستو ڪڍي ھلندو ويندو آ ۽ اتان چونو ھاريندو ويندو آھي اسان سمجھي ويندا آھيون ته  اھو بھترين دڳ آھي سو اتان روڊ ٺاھڻ شروع ڪندا آھيون، پرڏيھي انجينئر ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو ۽ پڇيائين توھان جي ملڪ ۾ روڊ سول انجنيئر ناھن ٺاھيندا؟ ٺيڪيدار کلندي چيس ”جتي ڪو گڏھ ناھي ھوندو اتي انجنيئر ئي روڊ ٺاھيندا آھن“.

سرڪار کي اھو ڳنڀير مسئلو به  ترت حل ڪرڻ گھرجي ته  ايوارڊ انجنيئرن کي  ملڻ گھرجي يا گڏھن کي ڇو ته  ڪتن کي حق ملڻ کانپوءِ  ملڪ ۾ موجود گڏھن سان نا انصافي نه  ٿيڻ گھرجي اھو به  وڏو سچ آھي ته  انجنيئرنگ يونيورسٽي جا خراب ٿيندڙ جنريٽر ڪو اڻ پڙھيل مستري ٺاھڻ ايندو آھي پر مستريءَ کي ڪو به  ايوارڊ سرڪار ناھي ڏيندي ڇو ته  سرڪار جي سوچ موجب ايوارڊ، ميڊل ۽ مراعتون ڪتن لاءِ ھوندا آھن محنت ڪش لاءِ سندس محنت ئي ايوارڊ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.