پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري(ايف سي) هيڊڪوارٽر تي ٿيل آپگهاتي حملي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.
پوليس رپورٽ موجب، هڪ خودڪش بمبار پيادل ئي ايف سي هيڊڪوارٽر جي گيٽ تائين پهتو، حملي آور کي لوئي ويڙهيل هئي ۽ هن مُک گيٽ جي ناڪي وٽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حملي ۾ 3 اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، ڌماڪي کان پوءِ ٻه حملي آور سائڊ گيٽ کان ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيا، ٻنهي وٽ رائفلون ۽ هيڊ گرينڊ پڻ هئا.
پوليس رپورٽ موجب، اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ دهشتگرد ساڄي پاسي موٽر سائيڪل اسٽينڊ تائين پهتا، هنن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايف سي هيڊڪوارٽر اندر داخل ٿيندڙ دهشتگردن کي مرڪزي گيٽ کان 30 کان 40 ميٽر اندر ئي ماريو ويو.
پوليس موجب، دهشتگردن جو مقصد ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ هو، ڇاڪاڻ ته ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ اعليٰ آفيسر ويهندا آهن ۽ نفري به وڌيڪ هوندي آهي.
رپورٽ موجب، حملي وقت ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ پريڊ به ٿي رهي هئي، جڏهن ته هاڻ ايف سي هيڊڪوارٽر کي مڪمل طور ڪليئر ڪيو ويو آهي.
پشاور ايف ايف سي هيڊ ڪوارٽر حملو: آپگهاتي بمبار گيٽ تائين ڪيئن پهتو؟ شروعاتي جاچ رپورٽ تيار
You might also like