اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان رٽائر ٿيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا الوداعي ملاقات ڪئي آهي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري پڌرائيءَ موجب، ملاقات دوران وزيراعظم جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي ساراهيو.
واضح رهي ته ساحر شمشاد مرزا 27 نومبر تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي رٽائر ٿي ويندو، هو پاڪ فوج جو آخري چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي آهي، ڇو ته 27هين آئيني ترميم تحت هاڻي اهو عهدو ختم ڪيو ويو آهي.
ستاويهين ترميم ۾ هڪ نئون عهدو ”چيف آف ڊفينس فورسز“ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو عهدو هاڻ پاڪ فوج جو سربراهه وٽ ئي هوندو، اهڙي طرح عاصم منير وٽ چيف آف ڊفينس فورسز جي واڌو چارج پڻ هوندي.
You might also like