جهرڪ جو شهر، پرنس آغا خان جي حويلي ۽ قائداعظم جو ڊهي پٽ ٿي ويل گهر

زارا نواز شيخ

ڪجهه ڏينهن اڳ مون فيس بڪ تي هڪ ويڊيو ڏٺي جنهن ۾ پرنس آغا خان جي وڏن جي حويلي جي ڊاڪيومينٽري ڏيکاريل هئي. اها ويڊيو ڏسي منهنجيون ته اکيون ئي کُلي ويون ته مار منهنجي ضلعي ٺٽي ۾ پرنس آغا خان جو اهڙو تاريخي يادگار آهي ۽ اسان کي ڪا خبر ئي ناهي. ڏوهه ته خير اسان جو به ناهي. هر دور جي حڪمرانن اسان کان اصل تاريخ لڪائي آهي. جيڪا سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي جنهن جي ڊگهي داستان آهي.

بهرحال مون جڏهن اها ڄاڻايل ويڊيو ڏٺي ته پڪو پهه ڪيم ته پرنس آغا خان جي وڏن جي اها قديم رهائش گاهه ضرور ڏسندم. ايئن مون پنهنجي دوست شبانه ڪوريجو سان اها تاريخي عمارت ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. جڏهن مون ان قديم عمارت جي ايڊريس معلوم ڪرائي ته منهنجي دلچسپيءَ ۾ تڏهن وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن مونکي ٻڌايو ويو ته اها تاريخي عمارت پڻ جهرڪ شهر ۾ آهي جتي پاڪستان جي باني قائداعظم پيدا ٿيو هو. پوءِ ته بي چيني ويتر وڌي وئي ته پنهنجو اباڻو ضلو هجي، ان ۾ اهي تاريخي عمارتون هجن ۽ اسان اهي نه ڏسئون ته ان کان وڏي بدبختي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

اهو تجسس رڳو تاريخي شهر جهرڪ تائين محدود نه هو پر جاءِ واردات تي پهچڻ کانپوءِ جيڪو ڪجهه ڏٺوسين تنهن ته دماغ ئي ڦيرائي ڇڏيو. مان سمجهان پئي ته مقامي ماڻهو وڏي فخر سان اهي تاريخي جڳهون ڏيکاريندا پر اتي وڃي محسوس ٿيو ته ڄڻ جهرڪ جو اهو ڏوهه هجي ته ان ننڍي ۽ غريب وسنديءَ ۾ پاڪستان جو باني پيدا ٿيو ۽ پرنس آغا خان جهڙي عالمي شهرت يافته مالدار فيملي جا وڏا پڻ هتي رهندا هيا. ان ندامت جي احساس ڪري جهرڪ کي انهن خاندانن پنهنجي سڃاڻپ جو حوالو نه ڏنو ۽ مقامي ماڻهن کي به ڄڻ ڌمڪايو ويو هجي ته  تاريخ تان پردو توهان کي به ناهي هٽائڻو. جيڪو به سياح اهي جڳهون گهمڻ اچي تنهن جي دل شڪني ڪريو.

جهرڪ جو اهو شهر ٺٽي ضلعي ۾ ڪينجهر ڍنڍ کان 50 ڪلوميٽر پري هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي. شهر ۾ داخل ٿيندي گهٽين ۾ بيٺل ماڻن کان پڇيوسين ته جناح ۽ پرنس آغا خان جي وڏن جو گهر ڪٿي آهي ته پهريون ته نٽائين پيا ته هتي ڪٿي، جناح جو گهر ته ڪراچي ۾آهي، هتي ناهي. پوءِ جڏهن زور ڀريوسين ته پري کان آيل آهيون ٻڌايو کڻي ته پوءِ اسان کي هڪ سوڙهي گهٽي ڏانهن اشارو ڪين ته ايڏانهن آهي. ان گهٽي مان گاڏي نه پئي گذري سگهي سو گاڏي بيهاري پنڌ هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳتي وڌياسين ته منهنجي نظر پري کان هڪ ريٽي رنگ جي ڪاٺي واري روشن دان تي پئي اها ئي پرنس آغا خان جي وڏن جي حويلي هئي جيڪا مون فيس بڪ تي هڪ ويڊيو ۾ ڏٺي هئي. پر ان حويلي تائين پهچڻ کان اڳ وچ ۾ تنهن دور جا ڪيترائي گهر ٺهيل هيا جيڪ بند ٿيل، خالي ۽ ويران هيا. ڄڻ پنهنجن گهر ڀاتين لاءِ واجهائيندا هجن. حويلي ڏانهن ويندي اتي اسان کي جسماني طور هڪ انتهائي ڪمزور پوڙهيو مليو جيڪو اصل ۾ ان حويلي جو نگهبان هو. هن اسان کي آغا خان حسن علي شاهه جي نالي اها حويلي ڏيکاري جيڪا  اٽڪل ٻه سئو سال پراڻي آهي. ان حويلي جي شاهي دروازي تي هڪ تختي لڳل هئي جنهن تي لکيل هو ”پهرين آغا خان حسن علي شاهه جو محل تاريخ 1843ع“ هيءُ اهو سال آهي جنهن سال انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو هو.

ان بزرگ اسان کي حويلي جو صرف صحن ڏيکاريو. ان صحن ۾ هڪ دڪي هئي جنهن تي ويهي آغا خان حسن پنهنجي مريدن سان مخاطب ٿيندو هو. اتي هڪ مهمان خانو به ٺهيل هو. چون ٿا ته ان صحن تي ننگر به هلندو هو. ان صحن مان ئي اسان کي پري کان سنڌودرياهه به نظر آيو اهو نظارو ڪيڏو نه دلفريب هو تنهن جو اندزو روبرو ئي ٿي سگهي ٿو. اتي پراڻي زماني ۾ بندرگاهه به هوندو هو. چون ٿا ته اتي ڪجهه مفاصلي تي گوتم ٻڌ جي مندر جا نشان به آهن. جڏهن اسان حويلي  جي چوڪيدار کي ڪمرن ڏيکارڻ جو چيو ته وراڻايائين ته اهي ڏيکارڻ جي اجازت ناهي پر اسان درين مان جهاتي پائي ڏسون پيا ته ايئن پيو لڳي ڄڻ ڇتين کي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ اڀا لڪڙا ڏنل هجن جيئن اڄڪلهه جڳهن جون ڇتيون ٺاهڻ مهل هيٺان لڪڙيون ڏنل هونديون آهن. چوڪيدار کان جڏهن پڇيو ويو ته پنهنجي دور جي هن عاليشان عمارت جي مرمت ڇو نه نٿا ڪرايو ته چيائين هاڻي ان جو ارادو آهي.

بهرحال هن عاليشان حويلي جي زبون حالت ڏسي بيحد افسوس ۽ حيرت پئي ٿئي. هن محل ڀرسان ننڍي شاهه جهان جي نالي هڪ مسجد به هئي جنهن جا نشان ملن ٿا. ان حويلي جي خاص ڳالهه ان تي ٿيل ڪاٺ جوڪم هو، ڇا ته ڪاٺ جون دلڪش ڄاريون لڳل آهن. ڪاٺ جي ٺهيل  ڪالمن جي ڊيزائن ۾ مورن جي به نقش نگاري ٿيل هئي. جنهن حيران ڪري ڇڏيو، ان حويلي ۾ موجود هوندي ايئن پئي لڳو ڄڻ اسان به ان تاريخي دور ۾ پهتل هجئون.

پرنس آغا خان جي حويلي ڏسڻ کانپوءِ اسان جڏهن قائداعظم جي گهر جي پڇا ڪئي سين ته ان حوالي ۾ دلچسپ تجربو ٿيو. اها خبر نه هئي ته قائداعظم جو گهر به آغا خان اول جي حويلي کان ڪو ڪجهه قدمن جي ئي فاصلي تي هو پر اهو ڏسي ڏندين آڱريون پئجي ويون ته زمين جي مٿاڇري تي قائداعظم جو اهو گهر هاڻي موجود نه هو، بس پٽ هو. ميدان هو. جنهن تي جهنگلي ٻوٽا بيٺل هئا. اها ڪيڏي نه بريڪنگ نيوز آهي پر الائي ڇو ميڊيا به  اها لڪائي رهي آهي ته جهرڪ واري قائداعظم جي گهر جو هاڻي ڪو نانءُ نشان نه رهيو آهي. اتي ڀرسان هڪ اسڪول ٺهيل نظر آيو، جيڪو به چون ٿا ته قائداعظم جي گهر جي پلاٽ تي ئي ٺهيل آهي.

تاريخ جو اهو هڪ تمام وڏو سانحو آ جنهن جو الائي ڇو نوٽيس ئي ناهي ورتو ويو. مان سوچي رهي هيس ته جهرڪ شهر جي انهن ٻن يادگارن کي ڪيڏي نه بيدردي سان نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ ان جي سياحتي مقام کي ڪيئن ته قتل ڪيو ويو آهي. اسان ته پٺتي پيل آهيون پر پرنس آغا خان جي پونيئرن کي ته پنهنجي تاريخي ورثي کي سنڀالڻ جو شعور هئڻ گهرجي پر جيئن ته ان سان جهرڪ شهر جو عالمي سطح تي نالو ٿئي ها تنهن ڪري ئي شايد انهن تاريخي مقامن کي بيدردي سان نظرانداز ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.