¨ گذريل آچر تي سيپٽمبر جي 17 تاريخ تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ”ڊائمنڊ جوبلي ڪانفرنس“ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي، سچل ڳوٺ، ابراهيم حيدري ۽ گلشن حديد جي شاخن گڏجي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪرائي. سنڌي ادبي سنگت جي ان ڊائمنڊ جوبلي جي سڀني سنڌي اديبن کي مبارڪ هجي.
¨ سنڌي ادبي سنگت جي اها ڊائمنڊ جوبلي هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهي هئي جڏهن اها تنظيم ٻن واضح ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي. جيئن مرڪز ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهي تيئن ان جون شاخون به ورهايل آهن. هن وقت هڪ مرڪزي ادبي سنگت جو سيڪريٽري مشتاق ڦل آهي ته ٻي مرڪزي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري تاج جويو آهي. هن ڊائمنڊ جوبلي واري تقريب ۾ تاج جويي واري ڌڙي شرڪت ڪئي.
¨ سنگت جي ان ٻه اڌ ٿيڻ جو ئي اهو سبب هو جي اها سنڌي ادبي سنگت جو ڊائمنڊ جوبلي مرڪزي سنگت نه ملهائي البت هن موقعي تي اها خوشخبري ضرور ملي آهي ته محمد خان ابڙي صاحب ٻنهي ڌڙن کي ملائڻ جون جيڪي ڪوششون ڪري رهيو آهي سي ڪاميابي جي ويجهو پهچي چڪيون آهن ۽ هاڻي 24 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ سنڌ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ ادبي سنگت جي هڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو.
¨ تاريخي طور تي ڏسجي ته ننڍي کنڊ اندر انجمن ترقي پسند مصنفين جي نالي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ادبي تنظيم جو بنياد وڌو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جو بنياد گوبند مالهي صاحب 1947ع ۾ وڌو ۽ ان کانپوءِ ڪجهه ماٺار بعد سنڌي ادبي سنگت جي ان قافلي کي اياز قادري صاحب هلايو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين قائم آهي. هيءَ ڊائمنڊ جوبلي گوبند مالهيءَ واري بنياد تحت ملهائي وئي.
¨ اسان وٽ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد تي به اديب ورهايل رهيا آهن. ڪي گوبند مالهي کي ادبي سنگت جو بنياد چوڻ لڳا ته ڪي وري اياز قادري واري ادبي سنگت کي بنياد ٿا سمجهن. سو جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي ٿي هئي ته تڏهن به ادبي سنگت جي مخالف گروپن ٻه گولڊن جوبليون ملهايون هيون.
¨ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شمشير الحيدري صاحب ٻنهي گولڊن جوبلي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي هئي. يعني هن پوءِ به سنڌي ادبي سنگت کي هڪ تصور ڪيو هو ۽ پنهنجي عمل سان سنگت جي هڪ هجڻ جو پيغام ڏنو هو. سو ضرورت اصل ۾ ان جذبي جي آهي.
¨ بهرحال، اها تمام سرهائي جي ڳالهه آهي ته ڪراچي جي ڪجهه ادبي شاخن سنڌي ادبي سنگت جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ ڪانفرنس ڪوٺائي سنڌي ادبي سنگت جي وجود ۾ نئون ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪوشش ۾ گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري غوث پيرزادي جي نمايان ڪوششن کي ساراهيو ويو. شاخ گلشن حديد ۽ غوث پيرزادي جو يقينن اهو يادگار ڪارنامو هو ڇاڪاڻ ته سنگت جي ڊائمنڊ جوبلي مرڪز نه پر ڪراچي جي ادبي شاخن ملهائي.
¨ اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جو ادارو جيئن رضاڪاراڻي نوعيت جو نج ادبي ادارو آهي تنهن ڪري انکي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي ته بهتر آ پر افسوس ته ادبي سنگت جون چونڊون هاڻي سياسي چونڊن وانگر ٿيڻ لڳيون آهن. چونڊون کٽڻ لاءِ ڌانڌلين جو رواج وڌو ويو. ڪوڙيون شاخون ۽ ڪوڙا يعني غير ادبي ميمبر ٺاهي چونڊون کٽڻ جي بزدلاڻي حرڪت ٿيڻ لڳي.
¨ سو سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ ۽ ان جي اميدوارن جو ڪردار به سياسي چونڊن ۽ سياستدانن جهڙو ٿي ويو آهي. هاڻي ته مخالف ادبي پينل پاڻکي ڪامياب قرار ڏئي ڌار ڌار مرڪزي سنگتون قائم ڪيون ويٺا آهن.
¨ سنڌي ادبي سنگت بيشڪ سنڌ جي جديد فڪري تعمير جو ۽ سنڌين جو پنهنجو قائم ٿيل نج ادبي ادارو آهي. ان جو وجود ۾ اچڻ ئي غير معمولي واقعو آهي. ان جي اهميت ۽ ضرورت اڄ به اوڏي ئي آهي جيڏي پهرين ڏينهن هئي.
¨ هي ادارو جيئن ته سنڌي ٻولي ۽ ادبي جي زنده رهڻ، ترقي پسند ۽ انقلابي ادب جي سلامتي جي ضمانت آهي تنهن ڪري اهو ادارو يعني سنڌي ادب سنگت به هميشه کان سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻيل رهي آهي.
¨ سو اڄ جڏهن سنڌي ادبي سنگت ٻه اڌ ٿيل آهي ته اهو عمل سنڌ دشمن طاقتن جي ئي مفاد ۾ وڃي ٿو انهن سنڌ دشمن طاقتن لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو وجود به ناقابل برداشت رهيو آهي تنهن ڪري اهي هر دور ۾ ان کي ختم ڪرڻ جي سازش ۾ رڌل رهيون آهن.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته انور پيرزادو صاحب سال 1983ع ۾ ايم آرڊي تحريڪ دوران سکر جيل ۾ قيد هو ته کائنس جيڪا پڇاڳاڇا ڪئي وئي هئي تنهن ۾ مٿس سڀ کان وڏي چارج اها لڳائي وئي هئي ته تو نون سالن کان غير فعال بڻيل سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ڪرائي ان کي ڇو وري بحال ڪيو هو!