ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار بازياب نه ٿيو، هندو برادري ۽ وارثن ۾ مايوسي ڇانيل

ڪشمور(دليپ ڪمار ڪيسواڻي)ڪشمور مان اغوا ٿي ويل مغوي ساگر ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو ايس ايس پي امجد شيخ کانپوءِ ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو جا به واعدا وفا نه ٿيا ھندو برادري ۽ مغوي جي وارثن ۾ مايوسي ڇانئجي وئي، مغوي ساگر ڪمار ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪشمور جي ھندو پنچائتي درٻار ۾ ھندو برادري پاران شري سکمني جو پاٺ پڙھايو ويو شبد ڪيرتن ڀڳتي به ڪئي وئي ان دوران وڏي انگ ۾ ھندو برادري ۽ مغوي ساگر ڪمار جا وارث پڻ شامل ٿيا مغوين جي بازيابي سميت پاڪستان جي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گھريون ويون جنهن کان پوءِ لنگر تقسيم ڪيو ويو ٻئي پاسي ايس ايس پي امجد شيخ جي ڏنل ٺلھن آسرن ۽ ڪوڙن دعوائن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي روحل کوسو ھندو برادري ۽ مغوي ساگر ڪمار جي وارثن وٽ پهچي 48 ڪلاڪن اندر ساگر ڪمار جي بازيابي جي خاطري ڪرائي ھئي جيڪا ھڪ ڀيرو ٻيهر غلط ثابت ٿي آهي ان کان اڳ گھرو وزير، اڳوڻي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي، ايس ايس پي امجد شيخ به وارثن کي ساگر کي بازياب ڪرائڻ جا ڪوڙا آسرا ۽ دعوائون ڪندا رهيا ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري به مغوي ساگر جي بازيابي لاءِ گيھلپور ڪچي وڃي راڄوڻي ڪوششون ورتيون پر مغوي وارثن کي نه مليو ھندو برادري ۽ مغوي ساگر ڪمار جي وارثن ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ڌاڙيل وقتن بوقتن مغوي جي وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن ڪشمور پوليس کي مغوي جي بازيابي لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.